جوکيو جي قتل تي سياسي، سماجي اڳواڻن، وڪيل ۽ صحافين جو رد عمل

ڪراچي(سروي رپورٽ باغي ساگر پنھوار) ناظم جوکيو جي ناحق قتل حڪومتي ديوارن کي لوڏي ڇڏيو سموري سنڌ سراپاء احتجاج، پوري سنڌ ۾ ڏک جي لھر، قومپرست ڌرين سان گڏ سيول سوسائٽي ۾ به سنڌ حڪومت مٿان ڪاوڙ جي لھر، ھڪ ھفتو اڳ دھاٻيجي لڳ آچر سالار ڳوٺ ۾ تلور پکين جي غير قانوني شڪار دوران ويڊيو ٺاھي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ نوجوان ناظم جوکيو کي علائقي جي چونڊيل پ پ ايم پي اي ڄام اويس گھرام جوکيو ۽ ملير مان چونڊيل ايم اين اي سردار عبدالڪريم جوکيو ھٿان بيدردي سان تشدد بعد قتل ٿيل سوشل ورڪر ناظم جوکيو جو بيگناه قتل تي پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻي، حڪومتي ڌريون پنھنجي چونڊل نمائندن کي بچائڻ لاء ڪوششون ڪندا رھيا پر سنڌ جي سوچ سامھون بيوس بڻيل، وڪلاء جي جدوجھد ڪري ڪورٽ سڳوري جي حڪم موجب وارثن جي چوڻ تي 16 قاتلن کي نامي نيٽ ڪيو ويو جنھن ۾ 10 ماڻھن جا نالا ڏنا ويا، ۽ 6 ماڻھون نامعلوم ڄاڻايا ويا جيڪا انويسٽي گيشن جاري آھي، جوابدارن مان ٽي قاتل پڻ گرفتار ڪيا ويا آھن ۽ 3 ٻين جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري اڃان نالا راز ۾ رکي ڇڏيا آهن. سروي رپورٽ ۾ ھر ان ماڻھون اھڙي ڪڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ته ڪئي پر سندس ان سان گڏوگڏ سرداري جاگيرداري ۽ وڏيرائي نظام کي ختم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ان موقعي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ، اعجاز سامٽيو، منير مگسي، ڊاڪٽر علي نواز گبول سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ھتي سردار سال جا 9 منھينا سياست ڪندا آھن ۽ 3 منھينا عربن جي دلالي ۾ گذاريندا آھن جيڪي پئيسن جي لالچ ۾ پنھنجي عزت ۽ غيرت کي عربن سامھون پيش ڪندا آھن، انھن چيو ته ناظم جوکيو ماحولياتي شھيد آھي ھينئر حڪومت کي اکيون کولڻيون پونديون، ھاڻي سنڌ سڄاڳ آھي ھر ممڪن رستا روڪ ڪنداسين، پي ٽي آئي جي اڳواڻ حليم عادل شيخ،  بشير سوڍر پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته ناظم جوکيو جي بيرحماڻي تشدد کانپوء قتل ڪري لاش ڦٽو ڪرڻ تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ سندس وزير اعظم پاڪستان ، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف جسٽس پاڪستان، کي اپيل ڪيون ٿا ته بيگناھ نوجوان جي قتل تي نوٽيس کڻي فورن سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي  ناظم جوکيو جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاء اسان ھر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، رابطو ڪرڻ تي ايڊوڪيٽ فاروق احمد گورڙ، ايڊوڪيٽ موسى` ڪولاچي، ايڊوڪيٽ صداقت علي گورڙ، ايڊوڪيٽ رستم ميراڻي، پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته سنڌ پوليس جي حالت ته اھا آهي جو ھڪ قاتل جوابدار کي ڪورٽ ۾ سرعام بغير ھٿڪڙي جي  پروٽوڪول ۾ آندو وڃي ٿو جنهن تي اسان وڪيلن جي نشاندھي تي سندس جوابدار کي ھٿڪڙيون لڳايون ويون ۽ اھڙي قاتلن کي ڪورٽ سڳوري ڪڏهن به معاف نه ڪندي اسان ڪورٽن مان پراميد آھيون ته ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ٿيندو انھن چيو ته سردارن جا واٺا بيشرمي جو حد ڪراس ڪندي ڪورٽ سامھون اڃان به جيئي ڄام جا نعارا ھڻي رھيا آھن ۽ وڪلاء لاء سوشل ميڊيا تي لکي رھيا آھن اھي سمجھن ٿا ته وڪيل انھن جي خوف کان ناظم جي ڪيس کان ھٽي ويندا پر ياد ڪيو ته اسان ناظم جي وارثن سان گڏ آھيون پر شرط اھو آھي ته ناظم جوکيو جا وارث اسان سان بيٺا ھجن.

ملير جي سينئر صحافين فاروق ڀنگوار، مير علي گوھر بلوچ، جمشيد زھراڻي، اصغر لاشاري، شھزادو مستوئي، ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ جاگيرار سسٽم کي بند ڪيو وڃي اھڙن ڀوتارن پيرن ميرن ۽ وڏيرن جي ڪري اسان جا ڪافي صحافي شھيد ٿي ويا آھن ۽ سنڌ ۾ صحافين مٿان وڏيرن پاران تشدد ڪري ماريو وڃي ٿو ۽ پوليس به وڏيرن جي بڇ تي صحافين مٿان ڪوڙيون ايف آئي آرون داخل ڪري صحافين کي ھسائڻ لاء حربا استعمال ڪري ٿي انھن چيو ته شھيد ناظم جوکيو جي قتل کي معمولي نه سمجھيو وڃي ان جي قتل سان پوري سنڌ سرپاء احتجاج آھي پر سرڪاري صحافين کان علاوه اسان صحافي برادري کي جس پيش ڪيون ٿا ته ھن ناحق جي خون تي سنڌي اردو ميڊيا ھڪ پيج تي ناظم جوکيو جي خون کي انصاف ڏيارڻ لاء گڏ بيٺا رھيا، تمام چنلن اخبارن ناظم جوکيو جي گھرواري، ڀاء ۽ وارثن سان ملاقاتون ڪري اسٽوريون، ڪري دنيا کي ڄاڻن ڏنو ته ناظم جوکيو سان ناحق ٿيل آھي، ان جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، انھن وڌيڪ چيو ته ناظم جوکيو جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، هيومن رائٽيس يونيٽي  فائونڊيشن آف پاڪستان ليڊيز ونگ صوبي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري  ميڊيم پروين طارق چيو آهي اسان جي ملڪ ۾ انسان مارڻ جو لائيسنس عام ٿي ويو آهي جڏهن جنهن کي چاھيو تڏهن قتل ڪري سگھو ٿا پر اسان جا مبضوط قانوني ادارا به اھڙن قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاء انھن جي دٻاون ۾ ٿا اچي وڃن اڄ ڏينهن تائين اھڙا ڪيترائي ڪيس رولڙي جو شڪار آهن پر شھيد ناظم جوکيو سان ھر طرح سان مدد ڪئي وڃي ۽ قانون مطابق جوابدارن کي سزا ڏني وڃي ان چيو ته اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھر ڪيون ٿا ته ناظم جوکيو جي ٻارن جي تعليم کان وٺي ان جي بيوه لاء حڪومت سنڌ نوڪري جو اعلان ڪندي ھڪ ڪروڙ روپين جو چيڪ حوالي ڪري جيئن ھو پنھنجي ٻچن لاء ڪجھ ڪري سگھي، سنڌ سجاڳي فورم جي سارنگ جويو ۽ سھڻي جويو به شھيد ناظم جوکيو جي بيرحماڻي قتل تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پ پ جي چونڊيل نااھل سردارن خلاف سخت لھجي ۾ ندا ڪئي ۽ انهن چيو ته اسين سرداري نظام جي خلاف آھيون اڄ سرداري نظام جي ڪري اسان جا نوجوان ڪونڌر پٽ ڪسجن ۽ مارجن پيا ۽ وڏيرا مير پير ڀوتار ۽ سردار اسان جي غريب اٻوجھ مسڪين ماڻهن جي جان ۽ مال جي ويري بڻجي چڪا آهن سو شھيد ناظم جوکيو جي وارثن سان فل فور انصاف ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي ۽ شامل قاتل ۾ سردارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو