جهاز حادثي جي جاچ رپورٽ روڪڻ جي درخواست رد، جواب طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جهاز حادثي جي جاچ رپورٽ روڪڻ جي درخواست رد ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت ۽ ڊي جي سول ايوي ايشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جسٽس شاهد ڪريم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ حادثي ۾ فوت ٿيل پائلٽ جي ڀاءُ محمد اعظم جي درخواست جي ٻڌڻي دوران اهڙو حڪم جاري ڪيو. محمد اعظم تحقيقاتي ڪميٽي جي رپورٽ روڪڻ جي درخواست ڪئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي. عدالتي پڇاڻي تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته20 مئي 2020 تي ماڊل ڪالوني ڪراچي ۾ تباهه ٿيل جهاز جي جاچ لاءِ جيڪا ٽيم جوڙي وئي آهي اها رولز جي خلاف آهي ۽ جاچ ڪندڙن وٽ گهربل مهارت به حاصل ناهي. عدالت وفاقي حڪومت ۽ سول ايوي ايشن کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته جهاز حادثي ۾ 97 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو