جماعت اسلامي پاران مڪاني ادارن وارو قانون چيلينج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو 11 ڊسمبر 2021ع تي پاس ڪيل نئون لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ غيرقانوني آهي ۽ آئين جي شق 140 اَي جي خلاف آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اڪثريت هجڻ باوجود آئين خلاف قانون سازي نٿي ٿي سگهي. حافظ نعيم الرحمان عدالت کي استدعا ڪئي ته سنڌ حڪومت کي نئين لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تي عملدرآمد کان روڪيو وڃي. ياد رهي ته جماعت اسلامي پاران سنڌ ۾ مڪاني ادارن واري نظام خلاف چئن ڏينهن کان سنڌ اسيمبلي جي عمارت آڏو ڌرڻو جاري آهي، جنهن ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جو وڏو انگ به موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو