جتوئي گروپ کي جهٽڪو، سيٺار برادري جا معززين پي پي ۾ شامل

نوابشاھ(رپورٽ : اي کي داھري ) مورو ۾ جتوئي گروپ کي سياسي جھٽڪو سيٺار برادري جا معززين برادري سميت 50 سالہ سياسي وابستگي ختم ڪري پپيلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان خبر موجب تعلقي مورو ۾ جتوئي گروپ جي سيٺار برادري جي چڱن مُڙسن اعتبار علي سيٺار، محمد ظفر سٺيار، مشتاق سيٺار ۽ ٻين نوابشاھ ۾ پيپلزپارٽي ڊويزن شھيد بينظير آباد جي صدر اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ پ پ سنڌ جي ترجمان اڳوڻي سينيٽر عاجز ڌامراھ سان ملاقات ڪري جتوئي گروپ سان پنھنجي 50 سالہ سياسي وابستگي ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ان موقعي تي ڊويزنل صدر ضياءُ الحسن لنجار ڳالھائيندي چيو تہ پيپلزپارٽي عوام جي حقن جي علمبردار جماعت آھي جيڪا بنا ڪنھن فرق جي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي پيپلزپارٽي ھميشہ عوام کي رليف ڏنو آھي جيڪو ڪم ڏسي وڏي تعداد ۾ ماڻھو شموليت ڪن پيا ھن چيو تہ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي عوام جي تڪليفن جو تمام گھڻو احساس آھي موجودھ وفاقي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين جي ڪري مھانگائي چوٽ چڙھيل آھي. ۽ انھن سان گڏ ويٺل ھتان جي ماڻھن کي ڪو بہ احساس ناھي نہ ئي ھنن سنڌ جي عوام جي لاءِ ڪجھ بہ ناھي ڪيو ھن چيو تہ تمام جلد سنڌ حڪومت طرفان بيروزگارن کي روزگار فراھم ڪيو ويندو ۽ شھرن سان گڏ ٻھراڙين ۾ پيئڻ جي پاڻي، ڊرينيج، روڊن سميت ٻيا بہ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا ھن پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندڙ سيٺار برادري جي معززين جو شڪريو ادا ڪندي چيو تہ جن توھان جا 50 سالن جا 5 ڪم بہ نہ ڪيا ھوندا اسان ڪجھ ڏينھن ۾ اوھان کي سُٺي موٽ ڏينداسين پيپلزپارٽي ڪڏھن بہ ڪنھن کي مايوس ناھي ڪيو پ پ سنڌ جي ترجمان عاجز ڌامراھ چيو تہ ملڪ صرف پيپلزپارٽي جي قيادت ۾ ئي ترقي ماڻي سگھي ٿو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندڙ سيٺار برادري جي چڱي مُڙس اعتبار علي سيٺار، محمد ظفر سيٺار ڳالھائيندي چيو تہ 50 سالن تائين جن سان گڏ رھياسين انھن مان ڪجھ بہ نہ وريو اسان ڏسندا ھئاسين تہ پيپلزپارٽي روزگار بہ ڏنو ۽ ترقياتي ڪم بہ ڪرايا ان لاءِ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيا آھيون اسان کي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي قيادت تي مڪمل اعتماد آھي ۽ ھاڻي اسان جو جيئڻ مرڻ پيپلزپارٽي سان گڏ ھوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو