ثقافتي ڏهاڙو، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ جا ثقافتي رنگ جرڪي پيا

ڪراچي (نمائندن وٽان) پهرين ڊسمبر تي سنڌي ميڊيا جي سڏ تي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي ثقافت جا رنگ جرڪي پيا هر طرف اجرڪ، پٽڪا، ٽوپيون ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ريتن رسمن، روايتن ۽ ثقافت جا عام طور تي گهٽ نظر انيدڙ رنگ دنيا آڏو سنڌ جي عشق ۽ عقيدت ۾ نڪري نروار ٿيا. نوابشاهه سميت ڪجهه شهرن ۾ پوليس جي خفتين ڪجهه خرابيون ڪري ماحول خراب ڪرن جي ڪوشش به ڪئي. هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي نعري هيٺ ملهايل مختلف تقريبن کان سدائين منهن موڙينڊر قومي ميڊيا به ڪوريج ڏيڻ تي مجبور ٿي پئي. سنڌ جي سڏ تي امن ۽ محبت کي فروغ ڏيڻ لاءِ واديءِ مهراڻ تي سنڌي ثقافت ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ سنڌي ثقافت جا رنگ ڄڻ ته آسمان مان بارش جيان وسي پيا.

هر عمر جا ماڻهو ڏک ڏولاوا وساري عيد کان به وڌيڪ ڌڻ جي خوشين ۾ ڄڻ ڏک وساري پنهنجي وجود سان ٿيندڙ متڀيدي سلوڪ باوجود هن ملڪ جو بنياد وجهڻ وارا هي باني سنڌي ڄڻ خوشي جي روپ ۾ مهذب انداز ۾ ڪا خاموش شڪوه ڪندي به نظر آيا.

. ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، دادو، بدين، لاڙ، ميرپورخاص سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ صبح ساڻ سياسي سماجي تنظمين، شهرين، شاگردن، نوجوانن ثقافتي ويس اوڍي، ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪا پائي ريلين جي صورت ۾ قومي گيتن تي رقص ڪري ڌرتي امڙ سان محبت ۽ پيار جو وچن نڀايو. ان سلسلي ۾ نوشهروفيروز کان مشتاق حسين مري مطابق سنڌي ثقافتي عيد جي موقعي تي ساهتي ضلعو نوشهروفيروز ثقافتي رنگن ۾ رنڱجي ويو، صبح ساڻ نوجوان، پوڙها پڪا، ٻارڙا نوان ثقافتي ويس اوڍي، ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪا پائي ريلين جي صورت ۾  قومي گيتن تي جهمريون هڻندي پريس ڪلب پهتا.

جڏهن ته ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مُک تقريب سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران هنڊا سائوٿ شوروم جي تعاون سان الله واري چوڪ تي رکي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن صوفي راڳين فقير اعجاز خاصخيلي، صائمه منظور، فقير عبدالمجيد سيال، نينا ناز، شڪيل سمون، مرڪ محبوب، سليمان سولنگي، يعقوب بروهي جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن، تنهنجي لوئي جي لڄ رکبي، سنڌين جا ميلا لڳندا ئي رهندا جهڙا قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. جڏهن ته مزاحيه فنڪار بشارت سمون پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان کان علاوهه مختلف سياسي سماجي تنظمين چنا ويلفيئر آرگنائيزيشن جي اڳواڻ اسد چنه، رند اتحاد جي اطهر رند، ڳوٺ سڌار ويلفيئر جي گل مورو، معشوق وڳڻ، جسقم جي فيصل مستوئي، سومرا اتحاد جي اظهر سومرو، گهيڙ گجو اتحاد جي هاشم آريجو، غلام حسين ڪلهوڙو، نوشهرو ويلفيئر جي اياز راڄپر، علي اڪبرمورو جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍي شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتيون. سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي مُک تقريب ۾ خطاب ڪندي مرڪزي نائب صدر قاضي ذوالفقار، ضلعي صدر ايم ظفر تڳر، جنرل سيڪريٽري اختر علي چانڊيو، تعلقي صدر محبوب ڪلهوڙو، خادم سيال، گل مورو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب 7 هزار سالا قديمي آهي ان کي ڪو به ڌاريو ماڻهو ميساري نه ٿو سگهي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جو هُنر ۽ لوڪ ادب هميشهه زندهه رهندو. هن قومي ڏهاڙي تي سڄي سنڌ سان گڏ سموري دنيا ۾ سنڌي ماڻهو اجرڪ ۽ ٽوپي پائي جهومي اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته دنيا جي سڌريل تهذيبن ۾ سنڌ جي تهذيب ترقي يافته تهذيب آهي ۽ سنڌ تهذيبن جي ماءُ آهي. *** دادو مان ادل مهيسر مطابق دادو، جوهي، ميهڙ ۽ ڪي اين شاھ ۾ ثقافتي ڏينهن جوش ۽ جذبي سان عيد جيان ملهايو ويو جڏهن ته شهرين پاران سنڌي لباس پهري روڊن تي نڪري سنڌي گيتن تي رقص ڪيو. جڏهن ته مختلف گهٽين محلن مان ريلين جو عوامي سمنڊ مک ڪچهري روڊ تي اٿلي پيو سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي سنڌي گيت جيئي سنڌ جيئي سنڌ وار جيئن تي  شهري جهومندا رهيا،ريلي کي مختلف برادرين،اديبن شاعرن،هر مڪتب فڪر جي ماڻهن،سياسي سماجي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

*** سڪرنڊ مان راج ڪمار اوڏ مطابق سڄي سنڌ وانگر سڪرنڊ ۾ به ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو. جڏهن ته مک تقريب پريس ڪلب ۾ رکي وئي جنهن ۾ مختلف تنظيمن سي ڊي ايف پاڪستان، آڪسفورڊ پبلڪ اسڪول، بوائز ھاءِ اسڪول سڪرنڊ، جسقم جا ڪارڪن ريلي جي صورت ۾ پريس ڪلب  پھتا جتي پروگرام ۾ اسڪول جي ٻارن سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا.جڏهن ته  تقريب جو مهمان خاص پ پ پ  جي صوبائي اڳواڻ  سڪندر حيات رند هيو. *** رتوديرو مان عطاءُ الله بروهي مطابق پوري سنڌ جيان رتوديرو ۾ به  عظيم سنڌ جي سهڻي ثقافت جي حوالي سان هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سري هيٺ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن سنڌ ترقي پسند پارٽي، جسقم، جساف، لطيف سائين سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن، دي اسڪالرز ايسوسيئيٽ، دي رائيٽس ۽ شهرين پاران ثقافت سان محبت ۽ پيار ورجائڻ خاطر ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون جسقم جساف پاران مومن سمون ديشي ميراڻي، ترقي پسند پارٽي جي ڏاڏو الهورايو عمراڻي، اختر بليدي صدر ايراني لسوا جي بدرالدين ابڙو، خان تنيو، دي اسڪالرز ايسوسيئيٽ جي انيس کٽياڻ امداد عباسي حسن نصراللہ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مختلف محلن مان ڪڍيون ويون جيڪي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿينديون پريس ڪلب رتوديرو آڏو پهتيون جتي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن سنڌ جي گيتن تي جهمريون هڻي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو.

*** ڪشمور مان اصغر علي چانڊيو مطابق ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ڪشمور شهر واسي سياسي سماجي تنظيمون تعليمي ادارن سنڌ جو ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ٽوپي اجرڪ سنڌي لباس پائي شھر جو گشت ڪيو شھر خوبصورت رنگن سان ڪشمور خوبصورت سنڌي لباس جي رنگن سان رنگجي ويو ھر طرف سنڌي گيتن تي رقص ڪري ننڍا وڏا جھومي اٿيا. ڪشمور جي سٽيزن ويلفيئر شھري ايڪشن ڪاميٽي چيئرمين علي مراد چاچڙ ۽ سنڌ چانڊيه ويلفيئر ايسوسيئيشن سچوا ضلع ڪشمور جو  جنرل سيڪريٽري محمد يوسف چانڊيو جي اڳواڻي ۾ علمدار چوڪ کان ھڪ شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ،ايس ٽي پي، سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

*** گڊو مان فرحان قريشي مطابق سڄي سنڌ جيان گڊو ۾ به شهرين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان شمس الدين سولنگي، خادم بوهڙ، محمد سليم ڀٽو، اي ڊي ملڪ، عبدالستار مزاري، زاهد بوهڙ، فضل ڀيو، راجه گبول، جنيد ڪلوڙ، وحيد ڪولاچي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا ليبر ڪلب کان ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. نوجوانن، واپڊا ملازمن، ٻارن ۽ پوڙهن سنڌي ويس وڳا، ٽوپي، پٽڪا، اجرڪ پهري، مختلف سياسي تنظيمن جا جهنڊا ۽ ڪهاڙيون کڻي قومي گيتن تي رقص ڪندا مختلف رستن کان ٿيندي گڊو بئراج پهتا. *** ڪنڊيارو مان اسد جعفري مطابق ڪنڊيارو ۾ ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو جسقم آل پارٽيز آلائينس سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن، شهرين، پاران ٽائون ڪاميٽي کان ثقافتي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي شهر جي مک اسٽار چوڪ تي پهتي جتي ريلي وڏي جلوس جي شڪل اختيار ڪري وئي ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ نوجوان قومي گيت تي رقص ڪيو.

*** عمرڪوٽ مان لال حسين منڱريو مطابق سنڌي ميڊيا جي سڏ تي عمرڪوٽ شھر ثقافتي رنگن سان رنڱجي ويو ۽ مختلف سياسي سماجي ادبي حلقن، استادن، شاگردن طرفان سنڌي لباس اجرڪ، پٽڪا ۽ ٽوپيون پائي ريليون ڪڍي پريس ڪلب پهتيون جتي سڀ کان وڏي ريلي پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالھي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پھتي. ريلي ۾ ڊاڪٽر علي نواز شاھاڻي ليکراج مالھي عبدالڪريم منڱريو حُسين منگريو ۽ ٻيا سوين ورڪر شريڪ ھئا. *** اوٻاوڙو مان غلام علي رند مطابق نيشنل پريس ڪلب اوٻاوڙو طرفان ساري سنڌ جيان سنڌي ٽوپي اجرڪ سقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ننڍاٻار به پڻ شريڪ ٿيا.

ريلي نيشنل پريس ڪلب کان نڪري شھر جي مختلف هنڌن کان ٿيندي اوٻاوڙو باءِ پاس تي پهتي جتي انساني زنجير ٺاهي جئي سنڌ جا نارا هنيا ويا. *** تلهار مان عاجز انور لاشاري مطابق ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان بدين ۾ ايڪتا جا رنگ ھوائن ۾ وکري پيا. جيئي سنڌ جا زوردار نعرا دھلن شرنائين ساڻ قومي گيتن تي ڪارڪنن جو رقص مختلف شھرن ۾ استقباليه ڪئمپون پڻ قائم ڪيون ويون. تلھار ۾ سنڌ ثقافت ايڪتا ڏھاڙي جي موقعي مناسبت سان سنڌ ترقي پسنڌ تعلقي جي اڳوڻن راجا اعجاز خواجه، راجا ٿيٻو، اسلم سونارو، شوڪت عمراڻي، يوس لاکو، جمن ملاح، عرفان علي بخاري سميت سوين ڪارڪنن جي قيادت ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو. *** غوثپور مان عبدالنبي مطابق روزاني سنڌ يار نيٽ ورڪ جي سڏ تي غوثپور شھر ثقافتي رنگن سان رنگجي ويو۔ شھر جي ھائير سيڪنڊري اسڪول جي استادن موڪل ھجڻ باوجود ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي سڏ کي خاص موٽ ڏيندي شاگردن کي پابند بڻايو ته اڄ توھان کي روزاني سنڌ يار جي سڏ کي موٽ ڏئي اچي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻي آھي۔

سوين شاگردن روزاني سنڌ يار سان پنھنجي ڀرپور محبت جو اظھار ڪري اسڪول مان ريلي ڪڍي شھر جي مک چوڪ تي اچي ختم ڪئي. ريلي ۾ شاگردن ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت زنده باد جا نعرا هنيا. *** ڪنب مان صفدر چانڊيو مطابق تمراڻي اتحاد جي اڳواڻن غلام فريد، شرف الدين، جاويد علي، محمد حفيظ، نانو پيرل تمراڻي جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف رستن تان گذرندي  اولڊ نيشنل هاءِ وي مين چونڪ وٽ پهتي جتي اڳواڻن مخصوص انداز ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صدين جو پڙاڏو آھي هي روڊن رستن تي اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي اچڻ گڏوگڏ سنڌ امڙ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪرڻ ايندڙ نسلن جي لاء خاص پيغام آھي. *** ڳڙهي خيرو مان جاويد لغاري مطابق ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان قومي عوامي تحريڪ پاران ريلي ڪڍي ۽ انساني زنجير پڻ ٺاھي وئي ريلي جي قيادت عبدالجبار جمالي، گل مصطفيٰ، غلام سرور راجپوت، ڊاڪٽر قربان علي لانگاھ، ڊاڪٽر رميش لعل ۽ ٻين ڪئي. *** شاهپور جهانيان مان اسد ٻگهيو مطابق سڄي سنڌ جيان شاهپورجهانيان ۾ به سنڌيار اخبار جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پريس ڪلب جي صحافين عبدالفتاح ٻگهيو، محمد ياسين آرائين، عبدالوحيد ڏاهري، ظفر ٻگهيو، قاسم جاني، نعيم چنا، جسقم اڳواڻن اسد ٻگهيو، سيف سنڌي، سيد شفي محمد شاهه، حافظ عبدالوحيد ٻگهيو جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ شاندار ريلي شهيد صحافي حاجي محمد منير احمد آرائين چونڪ کان ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف هنڌن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي. *** ڪرمپور مان ڪريم بخش ملڪ مطابق سموري سنڌ جيان ڪرمپور شھر ۾ به سنڌ يار جي سڏ تي پريس ڪلب ڪرمپور جي صحافين علي شير جعفري، سيف الله بجاراڻي، محمد ابراهيم شيخ جي اڳواڻي ۾  هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي عنوان هيٺ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي ثقافت ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍي ڪرمپور شھر سميت آس پاس جي علائقن کان سنڌي ماروئڙا پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظھار ڪرڻ لاءِ ڪرمپور ۾ اچي ڪٺي ٿيا.

جنهن کان پوءِ پوسٽ آفيس چوڪ کان  ڪنگ گرامر اسڪول کان شھر جي مختلف چوراهن کان ٿيندي ڏياڻي ۽ مگسي اسٽاپ تي پهتي جنهن ۾ شھر جي معزز شخصيتن،استادن،صحافين،سول سوسائٽي جي ماڻھن،استاد راجا ٻپڙ،ثناءُ الله بجاراڻي،نرمل داس،ٺارچند، شبير احمد دايو،حميد سومرو،شربت علي جعفري،علي دوست جعفري،سان گڏ سنڌ جي  نياڻين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. *** بوزدار وڏا مان حسين ٽانوري مطابق هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سري هيٺ بوزداروڏا واسين پاران سنڌيار اخبار جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيندي 7 هزار سال پراڻي سنڌي ثقافت کي ڀرپور نموني ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پوڙها، پڪا، نوجوان، معصوم ٻار ثقافتي ويس پائي نڪري پيا.

شهر اجرڪ جي لالاڻ ۽ ٽوپي جي چمڪ سان جرڪي پيو شهر جي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پڻ ثقافتي ريليون ڪڍي شهر جي ريلي ۾ شامل ٿي قومي گيتن تي رقص ڪندا رهيا. *** ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر مطابق سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي تي نوجوان شھري اتحاد جي اڳواڻ بابر خان پٺاڻ، سٽيزن فورم جي شفيق مھر، حفيظ اللّٰه مھر، دلشاد احمد ڀٽي، شڪيل احمد سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سوين ڪارڪنن ۽ شھرين سنڌي ٽوپيون اجرڪ پھري ڊکڻ ناڪي کان دھل ۽ شرناين سان ھڪ شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي جيڪا شھر جي مختلف ھنڌن شاھي بازار پراڻي نيشنل بينڪ چوڪ کان ٿيندي نور مصطفيٰ چوڪ تي پھتي جتي مُکُ تقريب ٿي تقريب ۾ آيل مھمانن صحافين،شھرين ۽ تنظيمي اڳواڻن سميت شھرين کي سنڌ جي ثقافت ٽوپيون ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪري سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي. *** مريد شاخ مان ارشد فيض گهنڃو مطابق مريدشاخ شھر مان صحافي محمدبخش گهنڃو، فضل الرحمن دشتي، رشيد احمد ۽ شھرين پاران هڪ ثقافت هڪ سنڌ جي سري هيٺ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شامل نوجوان قومي گيتن تي جهومي پيا هر طرف سنڌي ٽوپي جي خوشي جو ڏيک هو ۽ هڪ سنڌ ھڪ ثقافت زنده باد جا نعرا هڻندا رهيا.

***ڪوٽڙي ڪبير مان پرويز حسين ڀنڊ مطابق سنڌ يار پاران هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي عنوان سان اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي تي ڪوٽڙي ڪبير ۾ به ڌرتي ماءُ سان پيار، محبت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي سياسي سماجي،ادبي اڳواڻن ۽ اسڪولي شاگردن پاران  ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ عاجز امتياز نوح پوٽو، وحيد تنيو ۽ ٻين شاعرن،صحافن ۽ عوامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي نوجوانن ۽ اسڪولي شاگردن قومي گيتن تي جهمريون هڻي ثقافتي ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھايو. *** وارهه مان طالب حسين چانڊيو مطابق سنڌ جي ٻين شهرن وانگر وارھ ۾ به سنڌ ثقافتي ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو جنھن ۾ جيئي سنڌ محاذ ۽ مھراڻ پبلڪ اسڪول ۽ ٻين مختلف اسڪولن ۽ سياسي سماجي پارٽين طرفان شاندار ريليون ڪڍيون ويون. ريلي ۾ سوين ماڻھن جي شرڪت، سموري شھر جو گشت ڪيو ويو ، سنڌ ثقافت  ڏهاڙي کي ڀرپور موٽ ڏني وئي. *** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي مطابق ايس يو پي طرفان ايڪتا ثقافتي ريلي محمد عمر ابڙو لطيف پهنور، انور مڱڻھار، يوسف عمراڻي، اعجاز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ اجرڪون ٽوپيون پٽڪا ٻڌي قومي گيتن تي سوين ماڻھن شاهي بازار مان ريلي ڪڍي جهمريون هڻي قومي گيتن تي جهمريون هڻي هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي نعريبازي ڪئي وئي. اسڪولي شاگردن  ثقافتي لباس پهري  دهل شرنائن تي رقص ڪندا رهيا.

*** نئون ڪوٽ مان پيار علي نهڙيو مطابق هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سري هيٺ نئون ڪوٽ جي انڊس اڪيڊمي مان پرنسيپل غلام قادر ۽  راجا خان گرگيز جي اڳواڻي ۾ گهوٽ ڪنوار کي گاڏي ۾ ويهاري شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي شاگرد شاگردياڻين ۽ پري پري ڳوٺن کان ڪهي آيل  نوجوان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ريلي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ڪوٽ جي نالي وارن اديبن سيد اياز شاهه رضوي، وفا محمود نهڙي، پيار علي نهڙي، شاعر ملڪ محمد ڏورٿ سميت ٻين سياسي سماجي علمي ادبي قلم ڌڻين ريلي جي صورت ۾ وڏي ۾ انگ جاڳيا سنڌي جاڳيا جي نعرن سان  شرڪت ڪئي. *** ٽنڊو باگو مان فرحت جعفري مطابق ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت جي حوالي سان  ثقافتي ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو مختلف سياسي سماجي تنظيمن سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، اولڊ بوائز ايسوسيئيشن، ھنڌو پئنچائت، ڪنڀار برداري  پاران ريليون ڪڍي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو ريلين ۾ ننڍن ٻارن سميت ماڻھن  ٽوپي، اجرڪ پھري شرڪت ڪئي ننڍن ٻارن قومي گيتن تي رقص ۽ ٽيبلوز پيش ڪري ثقافتي پروگرامن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. *** سوسائٽي مان غلام رسول مهر مطابق سنڌيار سٿ جي سڏ تي ثقافتي ميلا متل علائقي واسين پاران سنڌيار سان گڏ  قومي عيد ملھائڻ جو وچن.

ان حوالي سان سنڌ اسٽوڊنٽ مينيجمينٽ سسٽم(ايس ايم ايس گروپ )يونٽ راضو مھر ۾ شاندار رنگا رنگ ثقافتي تقريب يونٽ صدر سھيل مھر جي صدارت ھيٺ منعقد ٿي گذري، جنھن ۾ پورو پنڊال اجرڪ سنڌي ٽوپي جي رنگن ۽ تجلن سان جرڪي پيو تقريب جا مھمان خاص ليڪچرر عبداللطيف مھر،امان اللہ مھر جن ھئا جڏھن تہ ٻين مھمانن ۾ صحافي غلام رسول مھر،بشير احمد مھر، عابد مھر راھي جميل مھر،محمد يوسف مھر لياقت حسين مھر،استاد محمد عارف مھر انجنيئرسرور مھر يونٽ چيئرمين اشفاق مھر،صدر حبيب اللہ،مقصود مھر،جھانگير سنڌي،محڪم الدين عبيداللہ سنڌي،شوڪت مھر،،شوڪت مھر  سميت ڪيترن علائقي واسين شرڪت ڪئي. *** ڪشمور مان جي ايم کوسو مطابق سڄي ملڪ جيان بلوچستان ۾ سنڌ جي ٽوپي اجرڪ سنڌين جي يڪجھتي جي لاءِ وڏي جوش وخروش سان ثقافتي ڏهاڙو ملھايو ويو. *** چيلهار مان ساجد نهڙيو مطابق سڄي دنيا جيان چيلهار شهر ۾ به ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، چيلهار جي رائچند راٺوڙ لائيبريري کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي واپس لائبريري پهتي جتي ثقافتي حوالي سان شاندار تقريب منعقد ڪئي. *** لاکاروڊ مان اظهر جلباڻي مطابق ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلوي ڦاٽڪ کان ايم سي بي چوڪ تائين هڪ ريلي  ڪڍي وئي جنهن ۾ صحافين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ علائقي جي سوين ماڻهن ٽوپيون اجرڪ ۽ پٽڪا پائي جهمريون هڻي بازار جو گشت ڪري خوشي جو اظهار ڪيو.

*** مٽياري مان رياض چانڊيو مطابق هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سري هيٺ ملهائجي ويندڙ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مٽياري ۾ پڻ سڄو ڏينهن ثقافتي رنگ جرڪندا رهيا جڏهن ته  ثفافتي ڏهاڙي جي مک تقريب مٽياري پريس ڪلب اڳيان منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن مان مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست تنظيمن سنڌ صوفي سنگت پاران آڪاش ملاح، منٺار پنهور ۽ نور محمد ڀينڊو جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون. *** مورو مان اياز سولنگي مطابق روزاني سنڌيار جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙي جي اعلان بعد عوام جو سمنڊ مورو پريس ڪلب اڳيان اٿلي پيو هر طرف ٽوپي اجرڪ پهريل جهونا، نوجوان ٻارڙا ٻارڙيون پهچي ويون. قومي گيتن تي رقص ۽ جيئي سنڌ جا نعرا ان سلسلي ۾ مورو جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين سميت برادرين پاران اجرڪ ٽوپين ۽ ثقافتي ويس وڳا پائي ريليون ڪڍي مورو پريس ڪلب پهتا، جنهن ۾ جسقم بشير خان گروپ، جسقم آريسر گروپ، ايس ٽي پي، جيئي سنڌ تحريڪ، ايس يو پي، ايس اين پي، جيئي سنڌ محاذ چانڊيو گروپ، سگا مورو، سنڌ فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن، مورو يوٿ, مستوئي برادري، ميمڻ برادري،الشهباز يونين ايرگيشن روهڙي ڊويزن، لغاري برادري، ڏاهري برادري، سولنگي برادري، ايس ايڇ او مورو، ڪورائي برادري ايسوسيئيشن، ڏاهري برادري ايسوسيئشن سميت ٻيون تنظيمون ريلين جي صورت ۾ مورو پريس ڪلب وٽ مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي. *** ٿرڙي محبت مان صدام حسين چانڊيو مطابق سنڌيار پاران اعلانيل هڪ سنڌ هڪ ثقافت ڀرپورنموني سان ملهايو ۽ عظيم عاليشان ريلي ڪڍي وئي. ثقافتي ريلي ۾ گورنمينٽ پرائمري بوائز ۽ هاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن، سياسي سماجي ۽ قلم ڌڻين سميت شهر جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. *** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق ثقافتي اڏينھن تي ڪنڌڪوٽ جاسوين ماڻھون اجرڪ ۽ ٽوپي پھري رستن تي نڪري پيا دھل ۽ شرنائين تي جھمريون ۽ گيتن سان پوروشھر صبح جو 9 وڳي کان شام تائين گونجدو رھيو. پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ ۾ تقريب رکي وئي جنهن ۾ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. *** ورڪشاپ مان اياز لطيف شر مطابق ٿاڻي روڊ کان ورڪشاپ پريس ڪلب  تائين ثقافتي ڏھاڙي جي خوشي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي جنھن جي اڳواڻي  پريس ڪلب جو صدر مير خان شر،جمن شر، اعظم ملاح ۽ ٻين ڪئي. *** ڊرگهه بالا مان محمد اسماعيل لانگاهه مطابق ڪاڇي جي مختلف وڏن شهرن توڙي ننڍن ڳوٺن ۾ سنڌ ڌرتي سان وچن جو ڏينهن انتهائي جوش، جذبي، ولولي سان ملهايو ويو. مختلف شهرن ۾ عيد وارو ڏيک ننڍا توڙي وڏا پنهنجي ڌرتي سان محبت جي اظهار طور گهرن مان ثقافتي ويس پهري نڪري پيا، دهل شرنائين تي ناچ جمهريون هڻندا رهيا.

*** قبو سعيد خان مان خادم حسين جاگيراڻي مطابق سنڌي ميڊيا طرفان هڪ سنڌ هڪ ثقافت ڏهاڙي کي مختلف سياسي سماجي تنظيمن، صحافين، شهرين ۽ علائقي واسين  ڀرپور نموني سان ملهايو. راڻيپور مان نديم شيخ مطابق سنڌي ميڊيا پاران اعلانيل ثقافتي ڏهاڙو هڪ سنڌ هڪ ثقافت راڻيپور ۾ وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويو ان سلسلي ۾ سماجي تنظيم عوامي اتحاد پاران ريلي ڪڍي مٺايون ورهائي عوام کي ٽوپين جا تحفا ڏنا ويا. عوامي اتحاد جي سر پرست اعلي غلام اصغر وساڻ، ميان بخش شاهاڻي، وحيد سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پراڻي بس اسٽاپ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جو گشت ڪندي درگاهه حضرت سچل سرمست تي پهچي جتي سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون. *** درياخان مري مان ارباب علي مري مطابق جسقم يونٽ ۽ ٽائون ڪميٽي درياخان مري جي چيئرمين طرفان سنڌ جي ثقافت جي ھڪ گڏيل ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ يوسي چاناري جي چيئرمين احمد شريف گبول، وائييس چيئرمين عبدالحق خاصخيلي، ٽائون ڪمٽي جي چيئرمين رضوان احمد راجپوت، وائيس چيئرمين طاھرالدين راجپوت، غلام قادر لاشاري، امام بخش عمراڻي ۽ سگا اڳواڻن سميت سياسي سماجي اڳواڻن صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. *** خانپور مهر مان آفتاب احمد سيال مطابق روزاني سنڌ يار اخبار پاران هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سڏ تي خانپورمهر ۾ جشن جو سماءَ قومي عيد ايڪتا عيد جي سنڌ جي ثقافتي لباس ۾ ٻهڪي پئي. خانپورمهر جي ماڪاهي اسٽينڊ کان اسلاميه پبلڪ اسڪول، مهراڻ پبلڪ اسڪول،آل مزدور اتحاد، هندو پئچات، ينگ هندو جرنيشن، آل پرائيٽ اسڪول، هوٽل ائسوئشيشن ،آل ريڙهي يونين،سميت ٻين تنظيمن پاران هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي ويئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بيئنر هئا جن روزاني سنڌ يار اخبار جي حق ۾ نعرا لکيل هئا. *** ميرپور خاص مان بشير احمد شاهه مطابق ميرپورخاص ضلعي ۾ سنڌيار جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو ويو. هر طرف اجرڪون ,ٽوپيون ۽ پٽڪا هر ننڍن توڙي وڏن کي پهريل آھن ٻئي پاسي  مچ ڪچهرين جا سلسلا جاري آھن.

مچ ڪچهري ۾ وڏي انگ ۾ نوجوانن سنڌي ٽوپي,ڪلهن ۾ اجرڪ ۽ مٿي تي پٽڪا پائي بنڊال جي رونڪ بڻنجي ويا. *** صوڀوديرو مان مظهر نعمت منڱڻيجو مطابق صحافي گلاب علي سيال ۽ سڳيون پريس ڪلب جي صحافي روزاني سنڌيار جي تعلقي رپورٽر مظهر نعمت علي منڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ ثقافتي رنگن سان رنگيل ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ مختلف سياسي سماجي، سوشل ورڪرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ثقافتي ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي سيال اسٽاپ سڳيون تي پهتي جتي ثقافتي تقريرون ڪيون ويون جنهن بعد اڳواڻ ريلي جي صورت ۾ درگاھ سچل سرمست تي پهچي سنڌ ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ دعائون گهريون. *** لعلورائنڪ مان عبدالحق تنيو مطابق سنڌي ميڊيا جي هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سري هيٺ صوفي سنگت جي سڏ تي مختلف سياسي جماعتن ايس يوپي، عوامي ورڪرز پارٽي، پ پ شهيد ڀٽو ،ٻيڙي ورڪرز يونين جي ڪارڪنن ۽ شهرين ثقافتي ريلي ڪڍي سنڌ جي قديمي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪندي لعلورائنڪ شهر جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. شهرين ۽ نوجوانن قومي گيتن ۽ صوفياڻي ڪلامن تي رقص ڪيو.

*** گهوٽڪي مان سليم فضل ڪلهوڙو مطابق ثقافت جي حوالي سان گهوٽڪي پريس ڪلب ٻاهران هڪ مک تقريب ٿي گذري جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ نوجوانن توڙي ٻارڙن ثقافتي ويس ٽوپي ۽ اجرڪ پهرين شرڪت ڪئي. مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران شهر جي مختلف علائقن کان ريلين جي صورت ۾ پريس ڪلب گهوٽڪي ٻاهران پهتا جتي سنڌي قومي گيتن جي رقص ڪيو ويو. گهوٽڪي جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن نصرالله ڪلادي، لطيف ميراڻي، اڪرم ٿهيم، فضل ڪلهوڙو، گل سنڌي ، من فقير گهوٽو، صحافي سليم فضل ڪلهوڙو، ماجد سنگهڙ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته پريس ڪلب ٻاهران ڪوٺايل تقريب ۾ ناليواري فنڪارن صنم ناز، لال بخش ٽڳڙ ۽ ٻين قومي گيت ڳائي ويٺلن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. *** پير جو ڳوٺ مان صفي الله مڱڻيجو مطابق سنڌي ميڊيا گروپ پاران هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي حوالي سان پيرڳوٺ ۾ به ثقافتي ڏينهن زبردست نموني ملهايو ويو جڏهن ته پريس ڪلب پيرڳوٺ آڏو ٿيل مک تقريب ٿي جنهن ۾ ڪنگري تعلقي جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن تان سوين ماڻهن اجرڪون ٽوپيون پائي ريلين جي صورت ۾ پهچي مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي. *** ڏيپلو مان فرمان بجير مطابق سڄي سنڌ جيان ڏيپلو به ثقافتي رنگن سان رنگجي ويو هزارين شهرين ۽ شاگردن ايڪتا ريلي ڪڍي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو.

ثقافت جي مک ريلي مٺي بس اسٽاپ کان شروع ٿي جنهن جي اڳواڻي شيوڪ سانگي، رياض احمد بجير، فرمان بجير، نريش موراڻي، گرڌاري لال، لوھاڻو گورڌن روهلائي، عمران باغي سومجي مل ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جيڪي مختلف رستن کان ٿيندي واپس مٺي اسٽاپ تي پهتا جتي مک تقريب ٿي، جنهن کي سياسي سماجي اڳواڻن صحافين ۽ استادن محمد عمر بجير، گورڌن روهلائي، عبدالرحمان اوٺو، ميوارام ساقي ۽ ٻين خطاب ڪيو.*** پکو مان عبدالوحيد ميئو مطابق سڄي سنڌ جيان ثقافتي سڏ کي ملھائڻ جي سلسلي ۾ پکو شھر تاريخ رقم ڪري ڇڏي سڄو شهر سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان جرڪي پيو چوطرف ڳاڙھيون ٽوپيون تجلا ڏئي ماحول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اجرڪن جي جھرمر به نوجوانن جي ڪلھن تي سجايل نظر آئي. پکو واسين ثقافتي سڏ کي عيد جھڙي ڏينھن جي مشابهت ڏئي ڀرپور نموني ملھايو ننڍا وڏا توڙي عمر رسيده ماڻھن به ثقافتي سڏ کي ڀليڪار ڪري پنھنجي ثقافت سان ورجاءُ ڪيو. *** سجاول مان سليم ملاح مطابق هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سري هيٺ سموري سنڌ جيان سجاول ۾ به ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

.ان سلسلي ۾ اميرالبحر، رند اتحاد، صحافي اتحاد ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ٽوپي اجرڪ ۽ ٻيا ثقافتي رنگ اوڍي سجاول شهر جي مختلف چوڪن، روڊن تان ريليون ڪڍي پريس ڪلب. ريلي ۾ معصوم ٻارڙن پڻ حصو ورتو جڏهن ته ريلي ۾ شريڪ ماڻھن هڪ سنڌ هڪ ثقافت زنده باد سنڌي ميڊيا زنده باد جا نعرا هنيا. *** بخشاپور مان سهيل جان ڊومڪي مطابق سموري سنڌ جيان بخشاپور ۾ به ثقافتي رنگ وکري پيا ۽ بخشاپور واسي ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويا سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي ھاءِ اسڪول ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي لوڪ ادبي تنظيم پاران ھڪ پروقار تقريب منعقد  ڪئي وئي تقريب ۾ سوين شاگردن شاگردياڻين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ سنڌي اجرڪ ٽوپيون پٽڪا ۽ سنڌي قومي لباس پائي شرڪت  ڪئي. *** لاڙڪاڻي مان عبدالوحيد مطابق سڄي سنڌ وانگر لاڙڪاڻي شهر ۾ به ثقافتي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، جڏهن ته ثقافتي عيد واري مک تقريب لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي سينئر صحافين صدر مير مرتضيٰ ڪلهوڙو، نائب صدر محمد عاشق پٺاڻ، معشوق اوڍاڻو، ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو، سرڪش سدايو، عبدالقادر جاگيراڻي، منير سومرو، حنيف سهاڳ، نويد لاڙڪ، صفدر سنڌي، ڊاڪٽر بدر شيخ، محمد علي بهيلم، شيراز پٺاڻ، راجا مگسي، نادر ابڙو، شاھ محمد لاشاري، رشيد سمون، زين پٺاڻ، ظهير ابڙو، علي گراماڻي، سلامت ابڙو، منور رند، وحيد لانگاھ، اياز ساريو، شهزاد پٺاڻ، حفيظ منگي، نواز منگي، ارسلان ڪنڀر، اشفاق علي سانڊاڻو، عبدالفتاح اوڍو سميت فوٽو گرافرن ۽ ڪيئمرامينن غفار مگسي، مشتاق جاگراڻي، ڪامران سانگي، علي گل ڏيٿو، عامرلاڙڪ، ارشاد سولنگي  توڙي ٻين صحافين پاران شهر جي مک جناح باغ چوڪ تي منعقد ڪئي وئي، جنهن تقريب ۾ سنڌ توڙي لاڙڪاڻي جي مشهور فنڪارن، اداڪارن، سگهڙن، شاعرن، اديبن توڙي شهر واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مشهور فنڪارن قومي گيت ڳائي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جنهن دوران هر طرف کان جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن جهڙا نعره گونجده رهيا، ٻي طرف تقريب ۾ شرڪت ڪلندڙ سگهڙن ۽ شاعرن طرفان سنڌ جي ثقافت مٿان روشني وڌي وئي. ***  نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق پريس ڪلب ٻاهران سنڌ جي قومي ثقافتي ڏڻ جي ڪامياب تقريب وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن تي مشتمل سڀ کان وڏي جسقم جي ريلي پريس ڪلب ٻاهران قومي ڏڻ کي ڀرپور انداز سان ملهائڻ بعد واپس وڃي رهي هئي ته شيراز چوڪ تي نوابشاهه پوليس جي اٽالي مبين پرهياڙ جي اڳواڻي ۾ ٻن ڄڻن سجاد ملاح، اعجاز بلوچ کي گرفتار ڪري کڻي وئي. جڏهن ته پوليس جي اهڙي ڪاروائي خلاف جسقم ڪارڪنن ۾ سخت تاءُ ڪاوڙ ۽ تشويش پکڙجي وئي ۽ پوليس جي اهڙي پوليس گردي تي ريلي ۾ جسقم جا ڪارڪن مڇرجي پيا ۽ انهن نوابشاهه پريس ڪلب روڊ تي شيراز چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو. *** ٽنڊو غلام حيدر مان مير حسن رند مطابق عوامي پريس ڪلب جي صحافي سٿ ۽ مختلف سياسي،سماجي تنظيمن پاران اجرڪ ٽوپي سميت  ثقافتي رنگ اوڍي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف روڊن رستن تان ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ٽنڊو غلام حيدر  پهتا جتي ٽنڊو غلام حيدر عوامي پريس ڪلب جي صدر علي خان چانڊيو نائب صدر حاجي خان پهنور جنرل سيڪيٽري نظام چانڊيو سميت ثقافتي ريلي ۾ شريڪ ٻين ماڻهن چيو ته  اسان هرسال جيان سنڌي ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون ۽ اڄ به ثقافتي ڏينهن ملهائي اسان کي عيد جهڙي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. *** قاضي احمد مان جاويد جتوئي مطابق سڄي سنڌ جيان قاضي احمد ۾ به ثقافتي ڏھاڙو جوش جذبي سان ملهائي ريليون ڪڍي سنڌي ثقافتي ويس. اجرڪ. ٽوپيون. پٽڪا پائي ننڍن وڏن پوڙھن پڪن ڀرپور نموني سان ملهايو ويو. جڏھن ته دڪاندار اتحاد جي اڳواڻن بابو سرفراز راجپوت، علي خان جتوئي، ملڪ شھزاد.، ھرجي مل ٺڪر. ممتاز خاصخيلي ۽ ٻين تعلقه پريس ڪلب اڳيان مين روڊ تي  ثقافتي ڪئمپ قائم ڪئي جتي ايندڙ ويندڙ ثقافتي ريلين جي آجيان ڪندي مٿين گلن جي ورکا ڪندا رھيا. محرابپور مان مجاهد سامٽيو مطابق هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي حوالي سان محرابپور پريس ڪلب اڳيان سياسي سماجي ڌرين پاران ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ريلي ۾ شامل ماڻهو ثقافتي لباس،ٽوپيون اجرڪ پائي قومي گيتن تي جهمريون هڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو