ثاقب نثار خلاف الزام، مير شڪيل سميت 4 ڄڻن کي شوڪاز نوٽيس جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ توهين عدالت ڪيس ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا محمد شميم احمد، مير شڪيل الرحمان، انصار عباسي ۽ دي نيوز جي ايڊيٽر عامر غوري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي هڪ هفتي ۾ جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيف جسٽس اطحر من الله جي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا محمد شميم احمد هڪ بيان حلفي ڏنو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته سندس موجودگي ۾ ثاقب نثار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج کي فون ڪري چيو هو ته نواز شريف ۽ مريم 25 جولاءِ 2018 وارين عام چونڊن تائين هر حال ۾ جيل ۾ رهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انهن الزامن بابت ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد، چيف ايڊيٽر مير شڪيل الرحمان، دي نيوز جو ايڊيٽر عامر غوري ۽ رپورٽر انصار عباسي پيش ٿيا. عدالتي حڪم باوجود اڳوڻو جج رانا محمد شميم هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو، راڻا شميم جو پٽ عدالتي ڪمري ۾ پيش ٿيو ۽ هن وڊيو هلائڻ جي اجازت گهري، عدالت کيس اجازت نه ڏني. هن ٻڌايو ته سندس والد رات اسلام آباد پهتو آهي سندس طبيعت خراب آهي. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهرمن الله مير شڪيل الرحمان کي مخاطب ٿيندي چيو ته مير شڪيل صاحب توهان کي وڏي دل سان هتي گهرايو آهي، هي عدالت هڪ آزاد ۽ آئيني ادارو آهي، پريس جي آزادي اهم آهي، سوشل ميڊيا ۽ ريگولر ميڊيا۾ فرق آهي، چيف جسٽس چيو ته عدالت تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻو آهي، هاءِ ڪورٽ بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي عوام جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي، اوهان جي رپورٽ هاءِ ڪورٽ تي سوال اٿاريا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مون کي عدالت جي هر جج تي اعتماد ۽ ڀروسو آهي، جج به احتساب جي قابل آهن ۽ تنقيد به ٿيڻ گهرجي، عوام جو اعتماد کڄي ويو ته بي يقيني پيدا ٿي ويندي، هاءِ ڪورٽ کي سائلين جي لاءِ احتساب جي قابل سمجهان ٿو. چيف جسٽس اطهرمن الله انصار عباسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پنهنجي خبر جي هيڊ لائن پڙهو، جنهن تي انصار عباسي عدالت ۾ پنهنجي خبر جي هيڊ لائن پڙهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اها اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آهي جيڪا ڪنهن کان هدايت نه وٺندي آهي، هي حلف نامو ڪنهن عدالتي رڪارڊ جو حصو ئي ناهي. اوهان پاڻ کي تحقيقي صحافي ٿا چئو، ڇا اوهان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کان پڇو هو، بيان حلفي جي بنياد تي خبر ڪيئن ٿي هلائي سگهجي؟ اوهان کي خبر آهي ته ان وقت مان ۽ جسٽس عامر فاروق ملڪ کان ٻاهر هئاسين، جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ميان گل حسن اسلام آباد ۾ هئا. خواجا حارث نواز شريف وارن جو وڪيل هو ڇا اوهان ان کان تاريخ معلوم ڪئي، چيف جسٽس چيو ته ملڪ جي ادارن تي عوامي اعتماد تباهه ڪرڻ لاءِ اسڪينڊل گهڙيا ويندا آهن. جيڪڏهن مون سان ڪو ٻيو جج ايئن ڳالهائي ها ته مان سپريم جوڊيشل ڪائونسل سان رابطو ڪريان ها. انصار عباسي چيو ته مون خبر ڏني آهي عدليا جو احترام ملحوظ رکندي، اوهان مهنجي خلاف ڀلي قدم کڻو پر هن معاملي جي جاچ ضرور ڪريو. ان موقعي تي جسٽس محمد شميم جي وڪيل چيو ته عدالت وفاقي وزير فيصل واوڊا جي بيان جو به نوٽيس وٺي جنهن سندس موڪل بابت چيو آهي ته ان کي ڦاهي ڏني وڃي ۽ عوام جي سامهون ڪوڙا هنيا وڃن هن جسٽس ثاقب نثار تي ڪوڙا الزام هنيا آهن. چيف جسٽس چيو ته اوهين چاهيون ته ڌار اپيل ڪري سگهو ٿا هن ڪيس ۾ اهو معاملو شامل نه ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو