“تيار هين” جي مايوسي کانپوءِ علي ظفر جو نئون گانو

ڪراچي (ويب ديسڪ) پاڪستان سپر ليگ فائيو جي آفيشل سانگ “تيار هين” جي مايوسي کانپوءِ علي ظفر جي نئين گاني جي تياري واري اعلان تي مداح پرجوش نظر اچي رهيا آهن. ڇو ته نئين گاني ۾ مداحن جي ڊانسنگ اسٽيپس کي به شامل ڪيو ويندو.

تيار هين واري گاني تي مايوسي ظاهر ڪندي مداحن مطالبو ڪيو هو ته علي ظفر کي ٻيهر پي ايس ايل جو گانو تيار ڪرڻ گهرجي جنهن تي هن مداحن جو جوش ڏسندي گانو تيار ڪيو آهي. علي ظفر نئين گاني جو اڳ ۾ ٽيزر جاري ڪيو.

جنهن بعد ويڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هو دهل جي دٻڪي تي پاڻ به ڀنگڙو ڪري رهيو آهي. ويڊيو ۾ علي ظفر مداحن لاءِ ڊانس اسٽيپ ڪندي نظر اچي ٿو ۽ مداحن کي هن چيو ته اوهان پنهنجي موبائل فون تان ان طرز تي ڊانس اسٽيپ رڪارد ڪري کيس اي ميل ڪريو ته هو گاني ۾ انهن کي شامل ڪندو. راڪ اسٽار علي ظفر جو نئون گانو تيار آهي.

جنهن جو اعلان هن پاڻ ٽوئٽر تي ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو