‘توهين مذهب جي الزام هيٺ ڪنهن کي قتل ڪرڻ غير شرعي آهي’

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ جي ناليوارن عالمن سيالڪوٽ واقعي کي ملڪ ۽ قوم لاءِ رُسوائي جو سبب قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث شرپسندن خلاف جوڳا قدم کنيا ويندا، توهين مذهن جو الزام لڳائڻ غير شرعي حرڪت آهي، اسلام آباد ۾ عالمن جي وفد طرفان سريلنڪن هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪري پريانٿا ڪمارا جي قتل واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ساڻس عذر خواهي ڪئي.

Ulema presser with Srilankan High Commissioner

پڌرائي موجب مفتي تقي عثماني، ڊاڪٽر اياز قبله، علامه عارف واحدي، قاري حنيف جالنڌري، علامه امين شهيدي، عبدالخبير آزاد، ابو الخي زبير ۽ مولانا طاهر اشرفي ۽ علامه ساجد مير پنهنيج گڏيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي قوم کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، سيالڪوٽ واقعو آئين ۽ اسلامي اصولن جي خلاف آهي، واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جوڳي سزا ڏياري ويندي. عالمن چيو ته سيالڪوٽ واقعو الميو آهي، هڪ شخص کي ماري ۽ لاش ساڙيو ويو جيڪو عدالت کان مٿانهون قتل ۽ خوفناڪ واقعو آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ عدنان جان جي پرواهه نه ڪندي بيگناهه شخص کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن نوجوان جو هي قدم قابل تحسين آهي ۽ وزيراعظم ان نوجوان لاءِ تمغه شجاعت جو اعلان ڪري بهترين قدم کنيو آهي. هنن چيو آهي ته سريلنڪا اسان جو برادر ملڪ آهي، اميد آهي ته هن واقعي سان پاڪستان ۽ سريلنڪا جا لاڳاپا خراب نه ٿيندا، جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو