ترڪي ۾ مسافر جهاز ٽي ٽڪر، 3 فوت 150 کان مٿي زخمي

استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ مسافر جهاز لينڊنگ دوران سخت بارش ۽ تيز هوا سبب حادثي جو شڪار ٿي ٽي ٽڪرا ٿي ويو، جهاز کي باهه به وڪوڙي وئي پر موقعي تي هڪ به مسافر فوت نه ٿيو. اسپتال ۾ 3 مسافر فوت ٿي ويا. استنبول هوائي اڏي تي 177 مسافرن وارو جهاز بي قابو ٿي تِرڪي پيو جنهن ۾ 150 کان مٿي مسافر زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ترڪ ميڊيا موجب جهاز جا ٻئي پائلٽ جن ۾ هڪ ترڪ ۽ ٻيو ڏکڻ آفريڪا جو هو، زخمي ٿي پيا آهن. حادثي بعد ڪجهه مسافر پنهنجي مدد پاڻ هيٺ ۽ اڪثر کي ريسڪيو عملي ٻاهر ڪڍيو. جهاز ۾ دنيا جي 12 ملڪن جا 22 غير ملڪي مسافر به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو