تابش هاشمي ’ٽو بي آنيسٽ’ڇڏي ٽي وي چينل جوائن ڪري ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يوٽيوب جي مقبول ترين مزاحيه، سياسي طنز ۽ تفريحي شو ٽو بي آنيسٽ (ٽي بي ايڇ) جي ميزبان تابش هاشمي يوٽيوب چينل کي الوداع ڪندي جيو ٽي وي نيٽ ورڪ جوائن ڪري ورتو آهي. تابش هاشمي جو شو ”ٽو بي آنيسٽ“ ٽي وي چئنلز تي نشر ٿيندڙ شوز کان وڌيڪ ڏٺو ۽ پسند ڪيو ويو هو، اهو شو ”ناشپتي پرائم“ تي نشر ڪيو ويندو هو. تابش هاشمي شروع ۾ 2018ع ۾ شو جون 6 قسطون رڪارڊ ڪرايون هيون جيڪي ڪينيڊا وڃڻ کانپوءِ يوٽيوب تي رليز ڪيون ويون ۽ سندس شو کي ماڻهن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ اهڙا شو اڳ ڪڏهن به نه ڪيا ويا هئا.هاڻي سندس چوڻ آهي ته هو جلد پاڪستان واپس اچي جيو ٽي وي تي شو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو