بيان حلفي بابت اڳوڻي جج کي لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بيان ڏنو آهي ته سندس بيان حلفي مُهر بند هو، ڪنهن کي به شايع ڪرڻ لاءِ نه ڏنو ۽ خبر ناهي ته اهو ڪيئن ليڪ ٿي ويو، رڳو گهر ڀاتين کي خبر هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم جي حلف نامي تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ راڻا شميم عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس اطهر من الله رانا شميم کي روسٽرم تي گهرايو ۽ پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو آهي؟ ان تي راڻا شميم چيو ته منهنجو وڪيل ٻڌائيندو ته جواب داخل ڇو نه ٿي سگهيو، منهنجي ڀاءُ جو چهلم آهي، ان کانپوءِ ٻڌڻي رکو، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته توهان 3 سالن کانپوءِ حلفي بيان ڏنو آهي، اخبار توهان جو حلف نامون عوام تائين پهچايو آهي. جنهن تي رانا شميم جواب ڏنو ته حلف نامون شايع ٿيڻ کانپوءِ مون سان رابطو ڪيو ويو ته  مان تصديق ڪئي، منهنجو بيان حلفي  مهر بند هو، مون کي ناهي خبر ته اهو ڪيئين ليڪ ٿيو، چيف جسٽس اطهر من الله رانا شميم کان پڇاڻو ڪيو ته توهان حلف نامو هنن کي نه ڏنو؟ ان تي راڻا شميم چيو ته نه مان بيان حلفي پبليڪيشن لاءِ ناهي ڏنو. عدالت سوال ڪيو ته توهان لنڊن ۾ بيان حلفي ڪنهن مقصد لاءِ ڏنو؟ عدالت توهان کي 5 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهي آهي، پنهنجو جواب جمع ڪرايو، توهان 3 سالن کانپوءِ بيان حلفي ڪهڙي مقصد لاءِ ڏنو ؟ توهان عوام جو عدالت مان اعتماد ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اوهان کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي پنهنجي لکت واري جواب ۾ چئو. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته رانا شميم کي اصل حلف نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وڃي، جنهن تي اڳوڻي چيف جسٽس جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي ته جيڪو بيان حلفي رپورٽ ٿيو اهو ڪهڙو آهي؟ مان پهرين رپورٽ ٿيل حلف نامو ڏسي وٺان، رانا شميم جي جواب تي اٽارني جنرل چيو ته جنهن حلف نامو ڏنو ان کي ياد ناهي ته حلف نامي ۾ ڇا لکيل آهي، جيڪڏهن کيس خبر ناهي ته پوءِ اهو حلف نامو ڪنهن تيار ڪرايو؟ اٽارني جنرل جي موقف تي عدالت راڻا شميم کي اصل حلف نامي سميت لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته هن چيو هو ته سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس جڏهن گلگت جي دوري تي فيملي سان آيو هو ته هن فون تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي فون تي چيو هو ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي 2018 جي عام چونڊ تائين ضمانت منظور نه ڪئي وڃي، ڇو ته عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ٿيو آهي. ثاقب نثار آديو ڪلپ کان انڪار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو