بنگلاديش ۾ ٽه ماڙ ٻيڙي کي باهه 32 ماڻهو فوت ٿي ويا

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 32 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب حادثو جمعي جي صبح پيش آيو جڏهن ڏکڻ بنگلاديش ۾ هڪ ٻيڙي ۾ باهه لڳي وئي جنهن ۾ هينئر تائين 32 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٻيڙي ۾ اٽڪل 500 ماڻهو سوار هئا، جيڪا ڍاڪا کان 250 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جهلڪاٺي وٽان گذري رهي هئي، درياهه جي وچ ۾ 3 ماڙ ٻيڙي کي باهه لڳي وئي، جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو