بلوچستان جي مختلف علائقن مان 7 گوليون لڳل ۽ سڙيل لاش هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پنجگور ضلعي سميت بلوچستان جي مختلف علائقن مان 7 لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ ٻن ڏينهن ۾ هٿ آيل لاشن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي. ليويز اهلڪارن موجب بلوچستان جي ضلعي پنجگور جي علائقي هني تل مان 5 ڄڻن جا لاش مليا آهن، جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته سندن گاڏي کي به ‘نامعلوم’ ماڻهن باهه ڏئي ڇڏي ۽ لاش سڙي ويا. ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويل پنج ڄڻا پنجگور جا رهواسي هئا. هوڏانهن بولان ضلعي جي علائقي ڪولپور ويجهو پل جي هيٺان عبدالسلام نالي هڪ شخص جو لاش هٿ آيو آهي، مارجي ويل پشتون جو تعلق ڪوئيٽا سان ٻڌايو پيو وڃي. موسيٰ خيل جي تعلقي ڪنگري کجوري واري علائقي مان ليويز کي 2 گوليون لڳل نوجوان جو لاش هٿ آيو، لاش سڃاڻپ لاءِ موسيٰ خيل اسپتال منتقل ڪيو ويو. گذريل ڏينهن ڪيچ ضلعي جي تعلقي مند جي ٽڪري واري علائقي پيرڪور شمع مان به ٽن ڄڻن جا لاش هٿ آيا هئا جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو