بلاول جي ميزباني ۾ اپوزيشن جو ڪٺ، عدم اعتماد تي اتفاق

اسلام آباد(بيوور رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهباز شريف جو شڪر گذار آهيان جو هن اپوزيشن کي گڏ ڪيو، حڪومت کي مخالف ڌر جي گڏيل ڪوششن ۽ حڪمران اتحاد سان اپوزيشن جي رابطن سبب گڏيل اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو. جيڪا سندن پارليامينٽ ۾ وڏي شڪست آهي. شهباز شريف سميت اپوزيشن پارليامينٽ ميمبرن جي اعزاز ۾ ڏنل ڊنر کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت پارليامينٽ ۾ هارائي چڪي آهي، سندس پنهنجا اتحادي به حڪومت تي ڀروسو نه ڪري رهيا آهن، پارليامينٽ ئي اهو فورم آهي جتان عمران خان جون پاليسيون ناڪام ٿي سگهن ٿيون. ياد رهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ خميس ڏينهن 11 وڳي طلب ڪيو ويو هو، جنهن ۾ چونڊ سڌارن، ڪلبوشن ۽ ٻين اهم معاملن تي قانونسازي ڪرڻي هئي پر عين وقت تي اهو ملتوي ڪيو ويو. فواد چوڌري چيو هو ته چونڊ سڌارا ملڪ جي مستقبل جو معاملو آهي، ان معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ اجلاس ملتوي ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن عدم اعتما جي تياري ڪري رهي آهي.

Photo Twitter

اڳ ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجرا؟ي کي هٽايو ويندو جنهن بعد پنجاب جي وڏي وزير خلاف عدم اعتما آڻڻ بعد عمران خان کي ٽپڙ گول ڪرايا ويندا. ذريعن موجب اڳ ۾ نواز شريف ان جو مخالف هو پر هاڻي حمايت ڪري پيو پر هن شرط رکيو آهي ته تبديلي جي صورت ۾ وزيراعظم سيد خورشيد شاهه ٿيندو. چونڊ سڌارا مڪمل ڪري ايندڙ سال مارچ ۾ چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو