اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فلسطين جي سفارتخاني پهتو جتي هن پاڪستان ۾ فلسطيني سفارتڪار احمد جواد امين ربيعي ملاقات ڪئي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فلسطيني سفارتڪار احمد جواد امين ربيعي کي غزه جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو فلسطين جي عوام لاءِ يڪجهتي جو پيغام ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري کي فلسطيني سفارتڪار احمد جواد امين ربيعي فلسطيني مزاحمت جو علامتي رومال اوڍايو.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فلسطيني سفارتخاني جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا رائي پڻ لکي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پيپلز پارٽي جي سينيئر نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ڏکئي وقت ۾ فلسطيني عوام سان گڏ آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت فلسطيني قيادت سان گڏجي سڄي دنيا ۾ فلسطين جي حق لاءِ جدوجهد ڪئي، ياسر عرفات ڳڙهي خدا بخش پهچي فلسطين جي حق لاءِ وڙهندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ سوين فلسطيني ٻارڙن جي شهادت انسانيت جي پيشاني تي بدنما داغ آهي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسپتال تي بمباري ڪري اسرائيل ثابت ڪري ڇڏيو ته ان جو وجود دنيا لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي.عالمي برادري اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري .
