بشير ميمڻ جي ٻن هفتن تائين عبوري ضمانت منظور

ڪراچي(رپورت باغي ساگر پنهوار)سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف اءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمن جي 15 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کيس واسطيدار عدالت سان رابطو ڪرن جي هدايت ڪئي آهي. بشير ميمڻ خلاف ايف آءِ اي ۾ مني لانڊرنگ جي ملزم عمر فاروق ظهور جو نالو انٽرپول مان ڪڍرائڻ جو الزام آهي. کيس پهرين جنوري تي جاچ جي سلسلي ۾ لاهور طلب ڪيو ويو هو، ايف آءِ اي کائنس پڇا پئي ڪري ته ملزم کي هو ڪيتري وقت کان سڃاڻي ٿو، ڪڏهن کان سندس واقفيت آهي، ڪيترا ڀيرا ڪٿي ڪٿي ساڻس ملاقات ڪئي آهي. ملزم ترڪي، سوئزلينڊ ۽ ناروي ۾ مختلف ڏوهن م گهربل آهي. بشير ميمڻ شڪ ڏيکاريو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو ان ڪري هن عبوري ضمانت ڪرائي ورتي آهي. بشير ميمڻ جو چوڻ آهي ته هن کان اهي دستاويز گهريا پيا وڃن جيڪي وٽس آهن ئي ڪون. هن جو چون آهي ته عمر فاروق ۽ ظهور نالي جوابدارن جا نالا انتر پول جي ريڊ وارنٽ مان ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ کائنس دستاويز طلب ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو