بروهي برادري جو چڱو مڙس مرزا کي ڇڏي پي پي ۾ شامل

بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ)  عقاب بروھي راڄ سميت ذوالفقار مرزا کي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪڍڻ ڀرسان سني گوني جي ڳوٺ عبدالقادر بروھي جو نيڪ مرد اوقاب بروھي ڊاڪٽر ذوالفقارمرزا گروپ کي کان علحيدگي اختيار ڪري  پ پ پ ۾ شموليت ڪري ڇڏي ھن موقعي تي ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اوقاب بروھي کي پ پ ۾ ڀليڪار چئون ٿا ھن چيو ته پ پ عوام جي پارٽي آھي ۽ عوام جي حقن جي جدوجھد ۾ ھن شھادتون ڏنيون آھن جيڪي ماڻھو پي پي جا مخالف آھن انھن عوام دشمن ماڻھن سان گڏجي عوام جي خلاف سازشون ڪيون آھن ۽ اھي اڄ به عوام دشمنن جي ڪلھي تي چڙھي سياست ڪن پيا عوام کين سڃاڻي چڪي آھي  ھن چيو ته بدين جي ساحلي پٽي جي ترقي لاء ڪم ڪري رھيا آھيون روڊن جي تعمير سان شھر توڙي ڳوٺ ترقي ۾ شامل ٿين ٿا ھن موقعي تي حاجي شير جمالي حاجي صديق ملاح ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود ھئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو