بجلي ۾ واڌ کي رد ڪريون ٿا وفاق فيصلو واپس وٺي، امتياز شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير بجلي جي اگهن ۾ واڌ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي کي رد ڪندي ان کي ظالماڻو فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو آھي، توانائي کاتي جي صوبائي وزير امتياز شيخ وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي آھي ته بجلي اگھن ۾ واڌ کي فوري طور واپس ورتو وڃي، بجلي جي اگهن ۾ پوڻا چار روپيا في يونٽ اضافو ڪرڻ ڪنهن ظالماڻي قدم کان گهٽ ناهي، هڪ پاسي سنڌ صوبي مان گئس جي پيداوار ٿيڻ باوجود سنڌ ۾ گئس جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آھي، سي اين جي سيڪٽر سان لاڳاپيل لکين مزدور بيروزگار ٿي چڪا آھن، ڏينھون ڏينھن حالتون وڌيڪ خراب ٿي رھيون آھن  توانائي واري وزير جو چوڻ آھي ته هن فيصلي سان مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو، هن وقت عالمي منڊي ۾ پيٽرول جون قيمتون گهٽجي رهيون آھن پر ان جو فائدو عوام کي ڏيڻ بدران آئي ايم ايف کي ڏنو پيو وڃي، تبديلي سرڪار ملڪ جي سمورن ادارن کي عالمي مالياتي اداري وٽ گروي ڪري ڇڏيو آھي،حڪمرانن جي نااهلين، ناڪامين ۽ بدعنوانين جي سزا اڄ عوام کي ڀوڳڻي پئجي رهي آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو