بجلي جي عدم فراهمي ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واٽر بورڊ جي ترجمان عبدالقادر شيخ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي نامناب فراهمي سبب ڪراچي م پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي. بيان مطابق ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ N.E.K ۽ K-2 فلٽر پلانٽ پمپنگ اسٽيشن کي عارضي فيڊر تان بجلي جي منتقلي سبب واٽر بورڊ کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ڪراچي واٽر بورڊ جي چيف انجنيئر اليڪٽريڪل اينڊ ميڪنيڪل انتخاب احمد راجپوت جو چوڻ آهي ته ڪي-اليڪٽرڪ طرفان بجلي جي اڻ اعلانيل شيڊول پمپنگ اسٽيشن کي عارضي فيڊر تان بجلي جي منتقلي ٿيڻ سبب پمپنگ اسٽيشن ۾ بار بار بجلي بند ٿي وڃي ٿي، جنهن سبب بجلي جي فراهمي ۾ خلل پوي ٿو، ان ڪري N.E.K ۽ K2 فلٽر پلانٽ جي پمپنگ اسٽيشنن جي پمپنگ گھٽائي ويندي آهي. جنهن سبب ضلعي سينٽرل ۽ گلستان جوهر ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي وئي آهي، ٻئي طرف ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان شهرين کي مشورو ڏنو آهي تہ پاڻي ضايع نه ڪن ۽ پاڻي احتياط سان استعمال ڪن ته جيئن ڪنهن پريشاني کان بچي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو