بالي ووڊ ڳائڻي شالملي وهانءُ ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ڪيترن ئي مشهور فلمن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جگائڻ واري ڀارتي ڳائڻي شالملي پنهنجي مسلمان دوست فرحان شيخ سان شادي ڪري ڇڏي. ڳائڻي شالملي گذريل ڏينهن انسٽاگرام ذريعي پنهنجي شادي جو اعلان ڪيو هو. هن ٻڌايو ته سندس شادي 22 نومبر تي پنهنجي دوست فرحان شيخ سان ٿي. خوبصورت تصويرون شيئر ڪندي شالملي لکيو ته اسان جي شادي اهڙي ئي ٿي جنهن جي اسان اميد ڪئي هئي، اسان پنهنجي گهروارن، مائٽن ۽ ڪجهه دوستن جي موجودگي ۾ شادي ڪئي. ڳائڻي هڪ تصوير شيئر ڪندي چيو ته اسان پنهنجي شادي ۾ هندو ۽ مسلم رسمون چاهيون پيا، فرحان جي ڀيڻيوي دعا پڙهي، نڪاح جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ۽ پوءِ سوره فاتحه پڙهي.فرحان شيخ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ موجب شالملي جو مڙس  سائونڊ انجنيئر آهي. ياد رهي ته شالملي کولگارا جي سپر هٽ گيتن ۾ بلم پچڪري، لت لگ گيي، بيبي ڪو بس پسند ۽ دارو ديسي سميت ڪيترائي گانا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو