باجوڙ ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ راغگان ڊيم لڳ معول جي گشت دوران پوليس وين کي ريموٽ ڪنٽرول بم سان نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. ضلعي پوليس سربراهه صمد خان موجب صبح 10 وڳي پوليس وين کي نسانو بڻايو ويو. شهيد ٿيلن ۾ هڪ سپاهي ۽ هڪ حوالدار شامل آهن. پوليس واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري علائقي ۾ ناڪا بندي ڪري تلاشي شروع ڪئي آهي. ياد رهي باجوڙ ۾ 21 آڪٽوبر تي به ايف سي ۽ پوليس کي نشانو بڻايو ويو هو جنهن ۾ ٻنهي فورسز جا 4 اهلڪار شهيد ٿيا هئا. 

پهنجو تبصرو موڪليو