بئنڪ ڌاڙن ۾ ملوث گينگ جا 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايس آءِ يو لياقت آباد ۾ ڪارروائي ڪري 26 ڪيسن ۾ گھربل 5 جوابدارن ڪامران خان عرف ڪامي، علي رضا، ڪامران عظيم، شهزاد ۽ عمران  کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي عارف عزيز موجب جوابدار ڪامران عرف ڪامي ناظم آباد ۾ نجي بينڪ کي لڳل ڌاڙي ۾ مفرور هو، هن 2010، 2011، 2012 ۽ 2013 ۾ 4 بينڪن ۾ ڌاڙا هنيا. جوابدار ڪامران عظيم 3 بينڪن کي ڌاڙا هنيا. گرفتار جوابدار مجموعي طور 8 بينڪ ۾ڌاڙن، 8 ڦر وارداتن، 2 پوليس مقابلن ۽ 4 چورين سميت 26 ڪيسن ۾ ملوث آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو