اڳوڻي ڊي ايڇ او کي 7 سال قيد 10ڪروڙ ڏنڊ جي سزا

سکر(بيورو رپورٽ )احتساب عدالت سانگهڙ ضلعي جي صحت کاتي ۾ ڀرتين واري مامري ۾ اڳوڻي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر غلام حسين انڙ کي سزا ٻڌائي ڇڏي.عدالت پاران اڳوڻي ڊي ايڇ او کي 7 سال قيد ۽ 10 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، احتساب عدالت سکر جي جج فريد انور قاضي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.جوابدار خلاف تي غير قانوني طور ڀرتيون ڪرڻ جو ريفرنس داخل ٿيل هو، عدالت ضلعي ۾ هڪ کان گريڊ پنجين تائين 94 ڀرتين جي ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو.جوابدار ضمانت تي هو، عدالت پاران سزا ٻڌائڻ کانپوءِ کيس جيل موڪليو ويوآھي

پهنجو تبصرو موڪليو