اڳوڻن حڪمرانن قرض وٺي قوم کي غلام بڻائي ڇڏيو، وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ اڳوڻن حڪمرانن قرض وٺي اسان کي غلام قوم بڻائي ڇڏيو، اهڙو اظهار هن ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪابينا جي اجلاس ۾ مني بجيٽ بابت ميمبرن کي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ ميمبرن کي مني بجيٽ آڻڻ جي سببن کان آگاهه ڪيو ۽ ان تي کليل نموني ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم گذريل حڪومتن تي تنقيد ڪندي چيو ته اڳوڻن حڪمرانن عالمي ادارن کان قرض وٺي اسان کي غلام قوم بڻايو، هن چيو ته عالمي ادارن جا قرض ۽ وياج واپس ڪرڻ لاءِ انهن کان قرض وٺڻو پوندو. ياد رهي ته حڪومت طرفان مني بجيٽ جلد پيش ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مني بجيٽ ۾ عام ماڻهو جي استعمال ٿيندڙ ڪنهن به شيءِ تي ڪا به ٽيڪس نه لڳائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو