اک ڇنڀ کان وڌيڪ تيز انساني عمل جي دريافت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عام چوڻي آهي ته فلاڻو ڪم اک ڇنڀ ۾ ٿي ويو، ان سبب ئي اهو سمجهو ويندو آهي ته انساني جسم جي اها سرگرمي تيز ترين آهي. حقيقت ۾ ايئن ناهي نئين سائنسي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته چپٽي  يا چٽڪي وڄائڻ انساني جسم جي تيز ترين سرگرمي آهي.  اهو يقين ڪرڻ ڏکيو آهي، پر ڪلڪ ڪرڻ جي رفتار اک ڇنڀ کان 20 ڀيرا وڌيڪ تيز آهي. اها دعويٰ هڪ نئين آمريڪي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. جارجيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ماهرن موجب هڪ ڪلڪ يا چٽڪي کي صرف 7 ملي سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري سگهجي ٿو. محققن مطالعي تي ڪم ڪيو، Avengers Infinity War (بدلي جي لامحدود جنگ) نالي آمريڪي فلم جيڪا 2028 جي سپر هيرو فلم هئي ان جي ولن ٿينوس جي چپٽي وڄائڻ يا ڪلڪ کي ڏسي، ان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

جنهن جي چٽڪي وڄائڻ سان فلم ۾ڪائنات جي اڌ زندگي ختم ٿي وڃي ٿي. ماهرن موجب، فلم ڏسڻ بعد سندن تجسس وڌيو هو. چٽڪي وڄائڻ سان آڱرين جي درست رڳڙ جي ضرورت پوي ٿي. هن چيو ته فلمي دنيا کان ٻاهر فزڪس جا اهي اصول يا دريافتون بهتر مصنوعي عضوا تيار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. ”اهو واقعي حيرت انگيز آهي ته فزڪس جو هي راز اسان جي آڱرين ۾ آهي، پر ان تي اڳ ڪڏهن به غور نه ڪيو ويو هو،“ معلوم ڪرڻ لاءِ، تحقيقي ٽيم پراڻي تحقيق تي ڌيان ڏنو، جنهن ۾ وضاحت ڪئي وئي هئي ته جسماني طور تي تيز ترين حرڪت ڪندڙ ڪهڙا جاندار آهن. اهي تحقيقي رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته سڀئي جاندار شيون بجليءَ جي رفتار تي هلڻ لاءِ اسپرنگ مڪينزم تي ڀاڙين ٿيون، جيڪا انهن کي توانائيءَ کي ذخيرو ڪرڻ ۽ تيزيءَ سان خارج ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. چٽڪي وڄائڻ جو عمل ٽن مرحلن تي مشتمل آهي. جيڪو آڱوٺو ۽ وچين آڱر کي گڏ دٻائڻ سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو رڳن ۾ توانائي جو ذخيرو ثئي ٿو. آڱرين جو رڳڙ هڪ ڳٽ وانگر ڪم ڪري ٿو جيڪو شروع ۾ توانائي جي خارج ٿيڻ کي روڪي ٿو پر جڏهن وچين آڱر آڱوٺي کان ٻاهر نڪري ٿي ته توانائي خارج ٿي وڃي ٿي. پر تحقيقي ٽيم يقين ڪيو ته چمڙي جي رڳڙ چپٽي وڄائڻ ۾ وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. تحقيق لاءِ، ماهرن ڪيترن ئي ماڻهن جي چپٽي ذريعي عمل جو تجزيو ڪيو سينسر جي ميلاپ، تيز رفتار فوٽوگرافي ۽ خودڪار تصويري پروسيسنگ ذريعي رڳڙ جي ڪردار کي طئي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي مشاهدا ڪيا ويا. محققن دريافت ڪيو ته هڪ آڱر جو هڪ عام ڪلڪ 7800 درجا في سيڪنڊ جي رفتار سان ريشنل ويلوسيٽيز تائين پهچي سگهي ٿو،

Photo Royal society Journal

جڏهن ته ريشنل ايڪسلريشن يا رفتار 1.6 ملين ڊگري في سيڪنڊ آهي. محققن جو چوڻ آهي ته آڱرين سان چٽڪي وڄائڻ جو عمل صرف 7 ملي سيڪنڊن ۾ مڪمل ٿيندو آهي، جيڪو اکين جي چنڀڻ کان 20 ڀيرا وڌيڪ تيز هوندو آهي، جنهن ۾ 150 ملي سيڪنڊن کان وڌيڪ وقت لڳندو آهي. هي تحقيق جرنل آف رائل سوسائٽي انٽرفيس ۾ شايع ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو