اڍائي مهينا سي اين جي بند ڪرڻ ظلم آهي، خاصخيلي

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو ۽ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماهنور ملاح پنهنجي گڏيل بيان ۾ وفاقي سرڪار طرفان سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنز کي اڌائي مهينن لاءِ بند ڪرڻ واري فيصلي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ سڄي ملڪ کي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ گئس فراهم ڪري ٿي ان جي باوجود سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنن کي اڍائي مهينا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ گئس اڳ ئي اڻ اعلانيل بند ڪئي ويئي آهي، ڪجهه علائقن ۾ مخصوص ٽائيم تي گئس ڏني وڃي ته ڪٿي وري پريشر ئي نه هوندو آهي، هزارين ڳوٺ ته گئس جهڙي بنيادي سهولت کان اڄ ڏينهن تائين محروم آهن. گئس، پاڻي ۽ ناڻي جي ورهاست جي حوالي سان گذريل ستر سالن کان وٺي وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ روا رکيو آهي، وفاق سنڌ کي پنهنجي فتح ڪيل ڪالوني وانگر هلائي ٿو، وفاق کي مرضي پيئي ته گئس بند ڪري ڇڏي، مرضي پئيس ته پاڻي بند ڪري ڇڏي، ناڻي تي ڌاڙا هڻي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته پنجاب سينازوري ڪري هميشه کان وٺي پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻندو رهيو آهي،  تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ذريعي زبردستي پاڻي کنيو پيو وڃي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي پنجاب جا حڪمران پنهنجي هوڏ تان هيٺ لهن، وفاق سنڌ جو گئس ۽ پاڻي بند ڪري سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو