اپوزيشن ۽ حڪومت جا گڏيل اجلاس کان اڳ ڌار ڌار اجلاس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کان اڳ حڪومت ۽ گڏيل مخالف ڌر جا اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيا، پارليامينٽ هائوس ۾ متحده مخالف ڌر جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي صدارت بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف ڪئي. اجلاس ۾ حڪومت طرفان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيل بلن کي روڪڻ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو  آهي، ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ ان جي اتحادين جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومتي بل پاس ڪرڻ جي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو پيو وڃي، اوورسيز پاڪستانين هن سال 30 ارب ڊالر موڪليا آهن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊن ۾ ڌانڌلي نه ٿيندي. ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عامر ڊوگر دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جو انگ مڪمل آهي ۽ حڪومت پنهنجا سمورا بل منظور ڪرائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو