ايڪو سائونڊ ۽ جلال جو راڳ به ماڪڙ ڀڄائي نه سگهيا

نارو( ساجد خادم سهتو) تعلقي جي مختلف علائقن تجل، مثالي ڳوٺ، کينهواري، سڪندرآباد، ڦارهياڙو، نارا گيٽ، ڪاٺوڙ، چونڊڪو، سائدو، کيڙاپ ۽ ڌنائو سميت ٻين مختلف علائقن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي. جڏهن ته آبادگارن پاران استعمال ڪيل مختلف حربا جيئن ايڪو سائونڊ ذريعي جلال چانڊيو جا ڪلام هلائڻ، ٿالھ وڄائڻ ۽ دونهان ڪرڻ سميت ٻين استعمال ڪيل حربن به ڪم نه ڏيکاريو آهي. حڪومت پاران موڪليل جهاز به آبادگارن کي سرمو پارائي ويو صرف هڪ چڪر خالي هڻي وري غائب ٿي ويو. جڏهن ته ماڪڙ سمورا فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي حڪومت توڙي چونڊيل نمائنده مڪمل خاموش بڻيل آهن.

ان سلسلي ۾ آبادگارن  صحافين  کي ٻڌايو ته ناري تعلقي جي مٿي ڄاڻايل علائقن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ اسان جا فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان ٻڌو هيو ته ماڪڙ ڪلامن تي ڀڄي وڃي ٿي پر هتي اسان وٽ ته ماڪڙ کي ڀڄائڻ لاءِ ايڪوسائونڊن ذريعي مختلف ڪلام هلايا پر ماڪڙ ڀڄڻ کان ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ پهريان ٿالھ وڄائيندا هئاسين ته ماڪڙ ڀڄي ويندي هئي هاڻي ٿالھ وڄائڻ تي ماڪڙ اتي ئي لهي پئي ٿي. هنن چيو ته ماڪڙ مار اسپري وارو جهاز به اسان کي صرف ڏيکارڻ لاءِ هڪ ڀيرو چڪر هڻائي وري غائب ڪيو ويو جڏهن ته ماڪڙ فصل، وڻ، ٻوٽا ۽ مال جو چارو کائي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. آبادگارن اعليٰ اختيارين کان اها گهر ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي پاڪ فوج جي نگراني ۾ فوجي جهازن ذريعي ماڪڙ مار اسپري ڪرائي اسان جا رهيل فصل بچايا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو