ايپل طرفان 2020 ۾ 5 نوان آءِ فون متعارف ڪرائڻ جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايپل طرفان 2020 ۾ پهريون ڀيرو هڪ ئي وقت 4 آءِ فون متعارف ڪرايا ويندا. اهڙي دعويٰ جي پي مورگن جي هڪ رپورٽ ۾ گذريل ڏينهن سامهون آئي آهي. جي پي مورگن جي تجزئي نگارن مطابق ايپل طرفان 2020 جي ٻئي 6 ماهي ۾ 4 نوان آءِ فون 12 متعارف ڪرايا ويندا جنهن ۾ هڪ 5.4 انچ، ٻيو 6.7 انچ جڏهن باقي ٻه 6.1 انچ ڊسپلي جا هوندا. رپورٽ مطابق وڏي آءِ فون ۾ سنسر شفٽ ٽيڪنالوجي ڏيڻ جو به امڪان آهي جيڪا بهتر معيار جي حرڪت ڪندي تصويرون ۽ وڊيو ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندي. ايپل جي حوالي سان صحيح پيشگن گوئي ڪندڙ تجزئي نگار منگ چي ڪيو به ڪجهه اهڙي قسم جي ڳالهه ڪئي هئي، پر هن پهرين 6 ماهي دوران آءِ فون ايس اي 2 جي پيشن گوئي جي دعويٰ به ڪئي هئي، اهڙي طرح 2020 ۾ پهريون ڀيرو 5 نوان آءِ فون متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي. آءِ فون 12 جا سڀني ماڊلن مان هڪ يا 2 ۾ پهريون ڀيرو اها ڪمپني فائيو جي سپورٽ به ڏيندي جڏهن ته بيڪ تي 3 ڪيمرن جي سيٽ اپ ۾ ورلڊ فيسنگ ٿري ڊي سنسگ ڪيمرا به ڏيڻ جو امڪان آهي. اسٽينڊرڊ آءِ فون 12 ماڊل ۾ ڊبل ڪيمرا سيٽ اپ هوندو ۽ فائيو جي جي جاءِ تي فور جي سپورٽ برقرار رکي ويندي. ٻئي طرف گذريل ڏينهن نئين رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اپيل طرفان ڪوالڪوم جي الٽر اسونڪ فنگر پرنٽ اسڪينر کي ايندڙ سال گهٽ ۾ گهٽ هڪ نئين آءِ فون ۾ استعمال ڪيو ويندو. اها الٽرا سونڪ فنگر پرنٽ اسڪينر سام سنگ جي گليڪسي ايس 10 ۽ نوٽ 10 ۾ استعمال ٿي چڪا آهن ۽ اهڙي طرح فنگر پرنٽ سنسر کي اسڪرين جي اندر نصب ڪيو ويو آهي. پر ايپل جي حوالي سان اهو حيران ڪندڙ پيشرفت ان ڪري آهي جو هن فنگر پرنٽ سنسر کي پنهنجي فون کان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽچ آءِ ڊي فيچر کي واپس آڻڻ تي غور ڪري رهي آهي. سام سنگ جي مقابلي ۾ نئين آءِ فون ۾ جيڪڏهن هن ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو ته ٿري ڊي سونڪ ميڪس کي آزمائڻ جو امڪان آهي جيڪو گليڪسي ايس 10 جي مقابلي ۾ وڌيڪ وڏو سنسر آهي ۽ صارف جي سڃاڻپ لاءِ هڪ جي بجاءِ 2 آڱرين جو استعمال ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو