ايم ڪيو ايم کي فرضي ملازمن جي برطرفي جو خوف آهي، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه انساني حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. پڪي قلعي سان اسانجو ڪهڙو تعلق؟ اها پيپلز پارٽي جي حڪومت خلاف سازش هئي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم به حصيدار هئي. ناصر شاھ چيو ته مخالفن جي جسمن ۾ ڊرل سان سوراخ ڪير ڪندوهو؟ عامر خان ٻڌائي ته ٻوريون بند لاش ڪير ڏيندو هو، عدالت ۾ وڪيلن کي ڪنهن ساڙي ماريو هو، ايم ڪيو ايم خلاف ته جنگي ڏوهن جا ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته ڪي ايم سي اسپتال سنڌ حڪومت وٽ وڃڻ بعد ايم ڪيو ايم جي گھوسٽ ملازمن کي برطرف ڪيو ويندو، اهو ئي خوف آهي جيڪو ايم ڪيو ايم کي کائي رهيو آهي. ناصر شاهه چيو ته  اسان ايم ڪيو ايم کي اسيمبلي ۾ بل تي ڳالهائڻ جي کليل آڇ ڪئي پر انهن کي سياست ڪرڻي هئي. ايم ڪيو ايم کي پي ٽي آءِ خلاف سياست ڪرڻ گهرجي جنهن هنن کان مينڊيٽ کسي ورتو. جماعت اسلامي کي به ايم ڪيو ايم خلاف سياست ڪرڻ گهرجي جنهن انهن کان مينڊيٽ کسي ورتو. ناصر شاھ چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جي عوام مصطفيٰ ڪمال کي رد ڪري ڇڏيو ته پوءِ ان ۾ اسان جو ڪهڙو قصور؟ هن چيو ته پ پ دشمني ۾ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ، پاڪ سر زمين ۽ سڀ پارٽيون گڏ ٿي ويون آهن. حليم عادل جي صدر کي موڪليل خط جو جائزو وٺي رهيا آهيون، هي خط بدمعاشي/ غداري جي زمري ۾ اچي ٿو. اهي پارٽيون جيڪي به ڪن، ڪراچي جو عوام انهن کي رد ڪندو. عامر خان جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو جي جيتري عمر آهي اوترو عرصو هن جيل ڪٽيو، تون ته قتل ، ما ڌاڙ ۾ جيل ڪٽيو، ڪهڙي منهن سان ڪريڊٽ ٿو کڻين؟ ايم ڪيو ايم کي عوام رد ڪري چڪو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو