ايف بي آر ڪراچي ۾ گهرن جا نوان ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فيڊرل بورڊ آف روينيو ڪراچي ۾ ملڪيتن جا نوان اگهه جاري ڪري ڇڏيا. ايف بي آر ڪراچي ۽ لاهور سميت 40 وڏن شهرن ۾ غير منقوله ملڪيتن جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي ڪراچي ۾ ملڪيتن جي قيمت جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايف بي آر پاران جاري ڪيل تفصيلن ۾ سول لائنز، گارڊن ايسٽ، ڪراچي ايڊمنسٽريشن، جوهر بلاڪ 17 وڌيڪ قيمتي علائقن ۾ شامل آهن جڏهن ته ايف بي آر پاران پي اي سي ايڇ ايس، ڊي ايڇ اي ملير، ايئر فورس سوسائٽي، نيو يارڪ ون کي ون ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه پارسي ڪالوني، بلوچ ڪالوني، نيوچالي، فيريئر روڊ، محمود آباد، شارع فيصل، شارع لياقت، نارٿ ناظم آباد ۽ ڪجهه جوهر کي پهرين يعني ڪيٽيگري  ون ۾ رکيو ويو آهي. ايف بي آر موجب ڪراچي جي پوش ايرياز اي ون ڪيٽيگري ۾ هڪ گهر جي قيمت 81 هزار روپيا في اسڪوائر فٽ مقرر ڪئي وئي آهي. ايف بي آر موجب ڪيٽيگري ون جو ريٽ 56 هزار رپيا في اسڪوائر فوٽ مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪچي آبادي جي گهرن جو ريٽ 5 هزار روپيا في اسڪوائر فٽ مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو