ايف بي آر هلندڙ مالي سال جا ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هلندڙ مالي سال ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.ذريعن موجب ايف بي آر 27 جون 2023ع تائين 7 هزار 144 ارب رپيا روينيو گڏ ڪري چڪو آهي، هلندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر جو ٽيڪس هدف 7 هزار 640 ارب رپيا هو.ايف بي آر 496 ارب رپين جي هدف کان گهٽ روينيو گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ فيبروري ۾ 200 ارب رپين جي مني بجيٽ آندو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نون قدمن تحت سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائي 18 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.امپورٽ ٿيل لگزري سامان تي سيلز ٽيڪس وڌائي 25 سيڪڙو ڪيو ويو.درآمدات تي پابندي ۽ معاشي صورتحال سبب ٽيڪس وصولي ۾ گهٽتائي آئي آهي، هلندڙ مالي سال ۾ ٽيڪس وصولي ۾ 19 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو