ايشز سيريز کان اڳ آسٽريليا کي جهٽڪو، ڪپتان مستعفي

سڊني(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي ڪپتان ٽم پين انگلينڊ خلاف ايشز سيريز کان اڳ ٽيسٽ ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريلوي ٽيسٽ ڪپتان ٽم پين هڪ اسڪينڊل کي منهن ڏئي رهيو آهي. رپورٽن مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا فحش پيغام موڪلڻ تي ٽم پين خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٽم پين تي الزام آهي ته هن 2017ع جي ايشز سيريز دوران ڪرڪيٽ تسمانيا جي اڳوڻي ملازم کي فحش پيغام موڪليا هئا. ياد رهي ته آسٽريليا ٻه ڏينهن اڳ انگلينڊ خلاف 8 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ ايشز سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ ٽم پين کي ڪپتان ۽ پيٽ ڪمنز کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو