ايس ايڇ او سلطانپور خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو، تحفظ جو مطالبو

ٺڪراٺو(رپورٽ حضرت گل) ڳوٺ ڏوگهڙ جي رهواسين ايس ايڇ اوسلطانپورعبدالحڪيم لانگاھ خلاف احتجاجي مظاهروڪيو. احتجاج ڪندڙ جهان خان لغاري  ٻڌايو ته ڪجھ مهينه اڳ ۾ منهنجي موٽر سائڪل چوري ٿي وئي هئي. اسين ايس ايڇ اه ڏانهن پنڌ ڪري ٿڪجي پياسين جنهن بعد مجبورٿي ايس ايس پي سکرعرفان سمون صاحب کي دانهن ڏني. جنهن جي حڪم تي ايس ايڇ او ڀري ڏني. جنهن کان پوء ايس ايڇ او اسان جو ويري بڻجي پيو آھي. مختلف حربا هلائڻ لڳو آ ۽ منهجي پنهجي زرعي زمين تي هٿرادو فريادي بيهاري مون خلاف ايف آءِ آر ڪٽڻ چاهي ٿو. ايس ايڇ او مونکي ڌمڪائي رهيو آھي ته مان توکي فل فراء ڪندس. اسان آء جي سنڌ ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ اسان جي معاملي جي شفاف جاچ ڪري ايس ايڇ او عبدالحڪيم خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو