ايس ايم ايس ذريعي احساس راشن پروگرام لاءِ رجسٽريشن شروع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) احساس راشن رجسٽريشن لاءِ ايس ايم ايس سروس شروع ٿي وئي آهي. وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس راشن رعايت لاءِ هر گهر جو هڪ ئي فرد اهل هوندو ۽ ڪنهن به گهر جو ڪو به هڪ فرد پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ايس ايم ايس ڪري سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته جنهن جو شناختي ڪارڊ نمبر هوندو ان شخص جو موبائيل نمبر به ساڳئي ڪارڊ تي جاري ٿيل هوندو ته اهو فرد رجسٽرڊ ڪيو ويندو.

سينيٽر ثانيه نشتر مطابق احساس راشن پروگرام مان 2 ڪروڙ خاندان مستفيد ٿيندا، ڪريانا دوڪان جي مالڪن لاءِ راشن پروگرام ۾ رجسٽريشن لاءِ احساس راشن ويب پورٽل موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو