اومي ڪرون جا 75 ڪيس رپورٽ، نئين لهر جو خدشو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڏکڻ آفريڪي ويرينٽ جي اومي ڪرون جا 75 ڪيسز سامهون اچڻ تي صحت جي ماهرن ڪورونا وبا جي پنجين لهر جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. صحت واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اومي ڪرون جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ظاهر ڪري ٿو ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ سڄي ملڪ مان اومي ڪرون جا ڪيس وڌي ويندا. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ملڪ ۾ پنجين لهر اچي سگهي ٿي. طبي ماهرن موجب ايندڙ سال فيبروري جي وچ تائين روزانو 3 هزار کان 4 هزار نوان ڪيس سامهون اچي سگهن ٿا، اختيارين جو چوڻ آهي ته ويڪسين لڳرائڻ وارا اومي ڪرون سبب سنگين بيمارين کان بچي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو