انٽر ڪلب ليگ جي ميچ ۾ اليون اسٽار سوڀاري

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) مير غلام محمد خان ٽالپر اسٽيڊيم تي هلندڙ انٽر ڪلب چيمپين ليگ جي 15 ميچ ۾ اليون اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب بدين سخت مقابلي کانپوءِ غلام نبي رستماڻي ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊوباگو کان 48 رنسن تان ميچ کٽي ورتو. ميچ ۾ اليون اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 34 اوورن ۾ سمورن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 195 رنسون اسڪور ڪيون. ساجد اقبال 54 رنسون اسڪور ڪيون. جڏھن ته شميل خان 48 رنسون اسڪور ڪيون. غلام نبي ڪرڪيٽ ڪلب جي بالر محمد طارق 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪري بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو. موٽ ۾ غلام نبي رستماڻي ڪلب جي ٽيم 32 اوورن 147 رنسون اسڪور ڪري سمورا رانديگر آئوٽ ٿيڻ ڪري 48 رنسن تان ميچ ھارائي وئي. غلام نبي رستماڻي ڪلب جي عبدالرئوف 31 رنسون ۽ شاھزيب 21 رنسون اسڪور ڪيون. اليون اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي بالر مطلوب حسن 4 وڪيٽون ۽ اقبال 3 وڪيٽون ورتيون. مطلوب حسين کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو