پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ بئريسٽر گوهر اميدوار نامزد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ بئريسٽر گوهر پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين شپ جي اميدوار هوندو،سينيٽر علي ظفر بئريسٽر گوهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان انٽرا پارٽي اليڪشن جو حڪم ڏنو آهي.پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم اليڪشن ڪميشن پهچي وئي، اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي اليڪشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سينيٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن زباني فيصلي کي تحريري فيصلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن 20 ڏينهن اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڇنڇر تي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون وينديون.علي ظفر چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ ئي اصل پي ٽي آءِ آهي، چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان انٽرا پارٽي اليڪشن نه وڙهي رهيو آهي. جڏهن ته عمران خان انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين جو نالو بئريسٽر گوهر جو آهي.ٻئي طرف بئريسٽر گوهر چيو ته مان چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جو شڪر گذار آهيان ته هن پارٽي چيئرمين لاءِ منهنجو نالو منظور ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو