انسٽاگرام نشو ناهي، نئون فيچر متعارف ڪرايون ٿا، موسري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سوشل شيئرنگ ايپليڪيشن انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسري ايپ خلاف لڳل سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته انسٽاگرام نه نوجوانن لاءِ نقصانڪار آهي ۽ نه ئي اهو ماڻهن لاءِ هڪ نشو آهي. ايڊم موسري آمريڪي ڪانگريس آڏو پنهنجي بيان ۾ انسٽاگرام بابت سمورن انڪوائرين کي رد ڪندي سيپٽمبر 2021 واري وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ کي غلط قرار ڏنو. ايڊم موسري چيو ته انسٽاگرام جي ڊيسڪ ٽاپ ورزن تي اڪائونٽ ٺاهڻ ۾ ڪجهه خاميون ضرور هونديون آهن پر اهو بلڪل غلط آهي ته انسٽاگرام هڪ ’نشي‘ وانگر آهي جيڪو نوجوانن ۽ خاص ڪري ڇوڪرين کي ’عادي‘ بڻائي رهيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته انسٽاگرام 13 کان 17 سالن جي ڇوڪرين ۽ خاص طور تي ڇوڪرين لاءِ ايپليڪيشن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا آهن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته نوجوانن کي ڪو به نامناسب مواد نظر نه اچي.ايڊم موسري چيو ته هو وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ تي يقين نه ٿو رکي ته انسٽاگرام هڪ ”منشيات“ وانگر آهي جيڪا نوجوانن خاص ڪري ڇوڪرين کي ايپ جو عادی بڻائي رهي آهي. ايڊم موساري اهو به چيو ته 2022 جي وچ ۾ انسٽاگرام تي هڪ ڪرونولاجيڪل فيڊ متعارف ڪرائي ويندي. جنهن ۾ هر ڪنهن کي اهو اختيار هوندو ته هو پنهنجي پسند جي شين کي پنهنجي فيڊ تي ڏسي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو