انسٽاگرام خلاف آمريڪا ۾ قانون جي خلاف ورزين بابت جاچ شروع

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪا جي ماساچوئٽس رياست سميت ڪجهه رياستن انسٽاگرام خلاف جاچ شروع ڪئي آهي ته ڪمپني قانون جي خلاف ورزي ڪندي ٻارن تي منفي اثر وجهي رهي آهي. فيسبڪ، انسٽا گرام ۽ واٽس ايپ جا سوشل پليٽ فارم هڪ ئي گروپ جا آهن ۽ گذريل مهيني ڪمپني جو نالو ميٽا رکيو ويو هو. جاچ دوران ڪمپني جي نمائندن اهو تسليم ڪيو هو ته 13 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار به هنن جي ايپ استعمال ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب ٻارن ۾ ڊپريشن ٿئي ٿو جنهن سبب انهن ۾ خودڪشي جو رجحان به وڌي ٿو. ڪمپني جي ترجمان غيرقانوني سرگرمين جي ترديد ڪئي آهي پر آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته هو جاچ بعد ئي ڪاروائي بابت ڪجهه ٻڌائي سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو