انساني حقن جو اڳواڻ، دهشتگردي خلاف قانون هيٺ گرفتار

نئين دلي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي دهشتگردي جي خاتمي واري ايجنسي هڪ نامور ڪشميري انساني حقن جي ڪارڪن کي دهشتگردي خلاف سخت قانون هيٺ گرفتار ڪيو آهي جنهن موجب ضمانت حاصل ڪرڻ تقريباً ناممڪن آهي. خرم پرويز تي ”دهشتگردي جي فنڊنگ“ ۽ ”سازش“ جا الزام آهن. نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي (اين آءِ اي) کيس هندستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ سندس گهر ۽ آفيس تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو. مسٽر پرويز اڃا تائين رد عمل نه ڏنو آهي. پر گرفتاري عالمي ڏک ۽ ڪاوڙ جو سبب بڻيل آهي، سندس آزادي جا مطالبا ٿي رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي سرگرم ڪارڪنن ۽ ٻين گرفتاري کي ”انساني حقن جي محافظن کي خاموش ڪرڻ ۽ سزا ڏيڻ“ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. مسٽر پرويز ڊگهي عرصي کان حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي قيادت واري حڪومت جو سخت تنقيد ڪندڙ رهيو آهي. هن جي جمون ڪشمير ڪوئليشن آف سول سوسائٽي (JKCCS)، ڪشميرين جي سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن تي ٻڌل هڪ گروپ آهي، جنهن انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ ڪشمر وادي ۾ قابض ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ڪيل زيادتين بابت ڪيترن ئي خوفناڪ رپورٽون شايع ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو