انتهاپسندي، دهشتگردي، منشيات ۽ هٿيارن جو ڦهلاءُ وڏا چيلينج آهن، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي وفد جي ملاقات، وفد جي اڳواڻي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) جي ميجر جنرل احسان محمود ڪئي. وفد ۾ مختلف پارٽين جي پارليامينٽ جا ميمبر، 2 سول سرونٽس، 2 هٿياربند فوج، هڪ چيف انجنيئر، 31 سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ 11 فيڪلٽي ميمبر شامل آهن. پروگرام ۾ صوبائي وزيرن امتياز شيخ، ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ صوبائي سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف کاتن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نيشنل سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مضبوط ڪيو وڃي،

Screen Shot

هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو 5-اِي جي ڳالهه ڪئي، جنهن جو مطلب آهي روزگار، تعليم، توانائي، ماحوليات ۽ برابري، هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو روزگار، تعليم، توانائي، ماحول ۽ برابري کي ملڪ جي ترقي جو ضامن سمجهندي هئي. 9/11 کانپوءِ پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي آهي. مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج انتهاپسندي، دهشتگردي، منشيات ۽ هٿيارن جو ڦهلاءُ ۽ مهاجر آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ ضروري آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، ڪراچي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن سان امن امان بحال ٿيو، ڪراچي ۾ ريجنل ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچون منعقد ڪيون پيون وڃن، شهر ۾ ويسٽ انڊيز وومين ڪرڪيٽ ميچ به جاري آهي، ڪراچي منشيات جهڙي غير قانوني واپار جو مرڪز بڻجي ويو آهي. دهشتگردن جي مالي مدد منشيات ۽ هٿيارن جي ناجائز واپار سان ٿيندي آهي. سنڌ حڪومت منشيات فروش ۽ غير قانوني هٿيار وڪرو ڪندڙن خلاف نٽيليجنس بنيادن تي آپريشن جاري آهي.  هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻين ملڪن مان آيل مهاجرن جي معاملي تي وفاق سان مسلسل رابطي ۾ آهي. سنڌ حڪومت پوليس کي مالي، تربيتي ۽ جديد اوزارن سان مضبوط ڪيو آهي. دهشتگردن، منشيات فروشن ۽ هٿيارن خلاف آپريشن ۾ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي شاندار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو