اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري اپوزيشن جو مطالبو تسليم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن جي 2 ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارلياماني ڪميٽي ۾ برابر جي بنياد تي نمائندگي جو مطالبو منظور ڪري ورتو. ذريعن موجب پارلياماني ڪميٽي ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومت جا 6، 6 ميمبر هوندا جڏهن ته شيري مزاري پارلياماني ڪميٽي جي چيئرپرسن هوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني ڪميٽي مان شفقت محمود، خالده اطيب، ڪامل علي آغا ۽ سينيٽر هدايت الله کي خارج ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪميٽي ۾ اعظم سواتي، فواد چوڌري، تاج حيدر، اعظم نذير تارڙ ۽ منظور ڪاڪڙ شامل هوندا. ذريعن موجب نظرثاني ٿيل پارلياماني ڪميٽي جو پهريون اجلاس 15 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي، پارلياماني ڪميٽي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب مان ميمبرن جي مقرري تي غور ڪندي. ياد رهي ته اپوزيشن جي خدشن سبب ڪميٽي جا گذريل ٻه اجلاس ملتوي ڪيا ويا هئا، پهرين ڪميٽي ۾ حڪومت جا 7 ۽ اپوزيشن جا 5 ميمبر شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو