Daily Sindhyar Daily Sindhyar Karachi |
افغان فورسز جي فائرنگ ۾ 6 فوجي جوانن سميت 11 زخمي https://www.dailysindhyar.com/%d8%a7%d9%81%d8%ba%d8%a7%d9%86-%d9%81%d9%88%d8%b1%d8%b3%d8%b2-%d8%ac%d9%8a-%d9%81%d8%a7%d8%a6%d8%b1%d9%86%da%af-%db%be-6-%d9%81%d9%88%d8%ac%d9%8a-%d8%ac%d9%88%d8%a7%d9%86%d9%86-%d8%b3%d9%85%d9%8a/ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تي
فورسز جي جهڙپن ۾ 6 پاڪ فوج جي جوانن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوجي ترجمان موجب
افغانستان جي صوبي ڪنڙ مان چترال جي ڳوٺ آراندو تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عور سميت
5 شهري ۽ 6 جوان زخمي ٿي پيا. پاڪستاني فوج جي جوابي ڪاروائي ۾ افغان فوج جي چوڪين
کي زبردست نقصان پهتو. افغان فورسز مارٽر گولا فائر ڪيا ۽ هيوي مشين گنز سان
فائرنگ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي فوجي آفيسرن جي رابطي بعد فائرنگ بند ٿي وئي.