افغان طالبان جي اعليٰ سطحي وفد جو پاڪستان جو پهريون دورو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي 10 کان 12 نومبر تائين پاڪستان جي سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. هو افغانستان جي اعليٰ سطحي وزارتي وفد جي اڳواڻي ڪندو، اهو دورو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي 21 آڪٽوبر تي ڪابل جي دوري جي فالو اپ ۾ ٿي رهيو آهي. پاڪستان-افغانستان ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، واپار وڌائڻ، ٽرانزٽ واپار جي سهولت، سرحد پار آمد و رفت، زميني ۽ هوائي رابطا، عوام جي وچ ۾ رابطا ۽ علائقائي رابطن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي رهيو آهي ته هو افغان عوام جي تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ فوري طور تي انساني امداد ۽ معاشي مدد فراهم ڪري.پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ ڳنڍيل افغانستان جي حمايت لاءِ پرعزم آهي. ياد رهي ته طالبان حڪومت جو هي پهريون غير ملڪي دورو آهي. هي دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن افغانستان جي صورتحال سبب خطي م پيدا ٿيل صورتحال تي غور لاءِ نئين دهلي ۾ ڪانفرنس جي مييزباني پيو ڪري. هن ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ چين کي دعوت ڏني وئي هئي پر ٻنهي ملڪن شرڪت کان انڪار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو