افغانستان کان ايندڙ ترڪ مان 7.5 ڪروڙ جي منسيات برآمد

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪ افغان سرحد طورخم تي ڪسٽم اهلڪارن افغانستان مان داخل ٿيندڙ ٽرڪ مان 7 ڪروڙ 50 لک رپين جي منشيات هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ايڊيشنل ڪليڪٽر ڪسٽم محمد طيب موجب عملدار طورخم بارڊر تي افغانستان کان داخل ٿيندڙ ٽرڪ جي لڪايل ڪمپارٽمينٽ مان 400 ڪلو چرس ۽ 250 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪئي وئي. محمد طيب جو چوڻ آهي ته برآمد ڪيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ ماليت ساڍا ست ڪروڙ رپيا آهي. هن چيو ته ڪسٽم عملدارن ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ جوابدارن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو