افضل ڀاءُ جو خون پيو لوڙهي، مان ٿڃ به معاف نه ڪندس، امڙ

ڌاٻيجي(ن سنڌيار)شهيد ناظم جوکيو جي امڙ جميلا ۽ وني شيرين جوکيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته اسين ناظم جو خون لوڙهڻ ڪونه ڏينداسين. ناظم جي امڙ چيو ته افضل جيڪڏهن پنهنجي ڀاء جي قتل ڪيس تان ھٿ کڻي ويو ته ھو منهنجو پٽ ئي ناهي، مان کيس ٿڃ به معاف نه ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ٻچي سان انصاف نه ٿيو ته آئون خودڪشي  ڪري ڇڏيندس. شهيد ناظم جي وني شيرين جوکيو چيو آهي ته مون ڪيس تان هٿ نه کنيو آهي، افضل کي ڊيڄاريو ويو آهي، افضل ئي ناظم کي عبدالڪريم وٽ ساڻ وٺي ويو هو، ڄام ڪريم کيس قتل ڪرايو آهي اڄ هن مٿس دٻاءُ وجهي پنهنجو نالو ڪيس مان ڪڍرايو آهي. هن چيو ته ڄام ڪريم مونکي گوليون هڻڻ چاهي ٿو ته ڀلي هڻي، سنڌ جا ماڻهو ۽ ميڊيا، اسان سان گڏ آهن آئون پٺيان نه هٽندس، افضل سٺو ناهي ڪيو. مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو. وڪيل قسم کنيو ته اسان توهان سان گڏ آهيون، هر حال ۾ ساٿ ڏينداسين، ادا وڪيل تو هي ڇا ڪيو، اسان کي انصاف کپي، ڪيس وڙهو اسين خون جي آخري قطري تائين ڪيس وڙهنداسين، اسانکي انصاف کپي.

پهنجو تبصرو موڪليو