اغوا ٿيل زال موٽرائي ڏيو، انصاف لاءِ مڙس جو احتجاج

جوھي (ن سنڌيار ) مستوئي محلا مان 9 ڏينھن اڳ مبينا اغوا ٿي ويل ڳوٺ ورايو پنھور جي رھواسڻ شادي شده عورت ماروي زال علي اصغر پنھور بازياب نه ٿي سگھي, وارثن پاران جوھي پوليس ٿاڻي ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود به جوھي پوليس ھڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگھي, مبينا اغوا ٿي ويل عورت جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاء علي اصغر پنھور, اعجاز علي , معشوق علي , علي شير پنھور پريس ڪلب جوھي اڳيان بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاجي مظاھرو ڪندي صحافين اڳيان الزام ھڻندي چيو ته بااثر جوابدارن عمر پنھور, مجيد, صاحب , محرم پنھور ھٿيارن جي زور تي زبردستي منهنجي زال کي اغوا ڪري ويا آهن. ماروي جي مڙس ڳوڙھا ڳاڙيندي چيو ته مان غريب ۽ مسڪين ماڻھو آھيان، آئي جي سنڌ پوليس, ڊي آئي جي حيدرآباد, ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته زال موٽرائي ڏيو ۽ جوابدارن کي گرفتاري ڪري اسان غريبن سان انصاف فراھم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو