اسپتال جي نون ڄاول ٻارن جي وارڊ ۾ باهه 4 ٻارڙا سڙي فوت

ڀوپال(ويب ڊيسڪ)هندستان جي مرڪزي رياست مڌيه پرديش جي نون ڄاول ٻارن جي وارڊ ۾ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ چار نوان ڄاول ٻار جيئرا سڙي فوت ٿي ويا. فائر فائيٽرز گذريل رات ڀوپال ۾ ڪملا نهرو ٻارن جي اسپتال مان 36 ٻارن کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي پر اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه جو شارٽ سرڪٽ سبب ٿي سگهي ٿو. وڏي وزير شيوراج سنگهه چوهان چيو ته واقعو ڏکوئيندڙ آهي. هن انڪوائري جو حڪم ڏنو ۽ متاثرين جي خاندانن کي 4لک رپيا ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو. باهه لڳڻ بعد اسپتال ۾ انڌيرو ڇائنجي ويو ۽ ڪيترن والدين پاڻ زوري    ٻارن کي بچائڻ لاءِ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي  ڪوشسش ڪئي  جن کي روڪيو ويو. فائر برگيڊ عملي کي ٽن ڪلاڪن جي محنت سان باهه تي ضابطو آندو ويو. ياد رهي ته آچر تي، مهاراشٽرا رياست جي هڪ ٻئي اسپتال جي ڪووڊ آئي سي يو ۾ باهه لڳڻ سبب 11 مريض فوت ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو