اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي 104 ارب روپيا ٻڏي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄوڪي واپار دوران مندي جو رجحان رهيو آهي 100 انڊيڪس ۾ 744 پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.  اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سرمائيدارن لاءِ اڄ منفي ڏينهن رهيو، 100 انڊيڪس 744 پوائنٽس ڪرڻ سبب مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 104 ارب رپيا ٻڏي ويا. ڪاروبار جي بندش وقت 100 انڊيڪس 45745 پوائنٽس تي رهيو، پر واپار دوران 100 انڊيڪس 885 پوائنٽس تائين به ڪريش ڪيو هو. مارڪيٽ ۾ 26 ڪروڙ شيئرز جن جي ماليت 10.94 ارب رپيا آهي، جو ڪاروبار ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو